اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ 2020ع کي صحافين ۽ مي??ي?? ورڪرز جي آسانين جو سال قرار ڏيندي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي خاطري ڪرائي آهي ته صحافين ۽ مي??ي?? ورڪرز جي نوڪرين جي تحفظ، هيلٿ انشورنس ۽ اي او بي آءِ کان رجسٽريشن جي لاءِ جرنلسٽ پروٽيڪشن قانون مشاورتي عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان جو ويزن ۽ واضح هدايتون آهن ته صحافين ۽ مي??ي?? ورڪرز کي پگهارن جي ادائگي، ن??ڪرين جي تحفظ ۽ صحت جون سهولتون ڏيڻ جو معاملو مستقل بنيادن تي جلد حل ڪيو وڃي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي صحافين جي تحفظ، پگهارن ۽ رهتن جي ادائ??ي جي معاملن تي بريفنگ ڏئي رهي هئي.