اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي وسيع تر مفاد، جمهوريت جي تسلسل، معاشي ۽ سياسي استحڪام لاءِ اتحادي پارٽين جي تعاون تي ٿورو ادا ڪندي اتحادين سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم عوامي مفاد ۾ ق??نو??سازي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ق??نو??سازي لاءِ قائم ڪميٽي ??ي هدايت ڏني ??ه عوامي رليف ۽ مشڪلاتن جي ازالي لاءِ ق??نو??سازي سميت احتساب آرڊيننس ۽ مخالف ڌر جي ترميمن کي باريڪ بيني ??ان ڏسي، ڪرپشن جي خلاف زيرو ٽالرنس جي حڪومتي عزم کي سامهون رکندي ق??نو??سازي جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ مشاورت جي ذريعي ق??نو??سازي جي عمل کي اڳتي وڌايو وڃي، وزيراعظم ان عزم کي ورجايو ته ڪنهن به طرح اسان پنهنجي ادارن جي ساک کي مجروح ڪرڻ نه ڏينداسين، پاڪستاني فوج ۽ قومي سلام??ي جا ادارا اسان جو فخر ۽ وقار آهن، ڪور ڪميٽي ڀارتي فضا ۾ مسلمانن جي سان جڙيل نفرت تي خدشن جو اظهار ڪيو . هو پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهو هو.