اسلام آباد – 29 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اع??اڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت معاشري جي ڪمزور ۽ نظرانداز طبقن جي فلاح لاءِ پرعزم آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ نوجوانن کي ترقي جا مو??عا فراهم ڪرڻ به حڪومت جي ترجيحن جو حصو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ يورپي يو??ين جي سفير اينڊرولا ڪمينارا سان ڳالهائيندي ڪيو.