اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي پوري قوم ۽ ملت اسلاميه کي مبارڪباد ڏيندي چيو آ??ي ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قرباني جو مقصد ان عزم جو ورجاءُ آهي ته حق جي راهه تي هلڻ ۽ استقامت اختيار ڪرڻ ۾ اسان کي جيڪي به مشڪلاتون پيش اچن ۽ جهڙي به قرباني ڏيڻي پوي اسان ان کان نه ڪيٻائينداسين. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته سڄي دنيا هن وقت انتهائي نازڪ صورتحال مان گذري رهي آ??ي. ڪوورنا وائرس جي وبا سڄي ا??سانيت جي لاءِ چئلينج بڻجي آئي آ??ي. منهنجي پاڪستاني قوم کي ا??ا درخواست آهي ته قرباني جي عيد جي موقعي تي سموريون احتياطي تدبيرون اختيار ڪندي قرباني جو واجب سرانجام ڏيندي غريب ۽ ضرورتمند طبقي کي به پاڻ سان شامل رکي. منهنجي ا??ل?? تعاليٰ کان دعا آهي ته هو ان وبا کي منهن ڏيندڙ سمورن م??ڻه?? جي حفاظت فرمائي ۽ انهن کي بهترين اجر عطا فرمائي ۽ اسان کي جلد کان جلد ان مان ڇوٽڪارو عطا فرمائي.