اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ تازين برساتن جي ڏس ۾ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي کي برساتي نالن جي صورت??ال بابت تفصيلي جائزه رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي عوام کي ان مشڪل صورت??ال ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اسلام آباد ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين پڻ شامل هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب سنڌ جي گورنر وزيراعظم کي ڪراچي ۾ تازين برساتن جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورت??ال ۽ تفصيلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم عمران خان جي اين ڊي ايم اي کي ڪراچي ۾ برساتي نالن جي صورت??ال بابت تفصيلي جائزه رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي عوام کي ان مشڪل صورت??ال ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي.