اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ننڍي ۽ وچين درجي جي ڪاروبار کي تحفظ ۽ فروغ ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ ش??مل آهي. هن اها ڳالهه اسٽي?? بئنڪ ۽ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) جي تعاون سان سيڪيورٽرائيزيشن رجسٽري جي افتتاحي تق??يب ۾ چئي. افتتاحي تق??يب ۾ ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ سميت عالمي بئنڪ، برطانيا جي عالمي ترقي واري اداري ڊي ايف آءِ ڊي، سيڙپڪاري بورڊ ۽ ناڻي واري وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.