اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پا??ست??ن ۽ ڀارت سفارتي ذريعن سان هڪ ٻئي جي تحويل ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب فهرستن جي هڪ ئي وقت مٽاسٽا 2008ع جي قون??لر پهچ جي معاهدي تحت ٿي. معاهدي تحت ٻنهي ملڪن کي هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي هڪ ٻئي جي تحويل ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪرڻي هوندي آهي. بيان موجب پا??ست??ن حڪومت پا??ست??ن ۾ قيد 266 ڀارتي قيدين (49 سويلين قيدين ۽ 217 مُهاڻن) جي فهرست اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي. ان سان گڏ ئي ڀارتي حڪومت ڀارتي جيلن ۾ پا??ست??ني قيدين جي فهرست پا??ست??ني هاءِ ڪميشن نئين دهلي جي هڪ آفيسر سان شيئر ڪئي. فهرست موجب ڀارت جي جيلن ۾ مجموعي طور تي 462 پا??ست??ني آهن جن ۾ (381 شهري قيدي ۽ 81 مُهاڻا) شامل آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پا??ست??ن جدا کان ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته اها انهن سمورن پا??ست??نين (52 شهري قيدين ۽ 56 مُهاڻن) کي آزاد ڪري ۽ وطن واپس موڪلي جن پ??هنجي سزا پوري ??ري ورتي آهي ۽ جن جي قومي حيثيت جي تصديق ٿي چڪي آهي. ترجمان پ??هنجي بيان ۾ چيو ته ڀارتي حڪومت تي پڻ زور ڏنو ويو آهي ته اها انهن سمورن پا??ست??نين جي حفاظت، سلامتي ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائي جيڪي آزادي ۽ وطن واپسي جا منتظر آهن. پا??ست??ن وڌيڪ اهو ته 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين جي 38 گم ٿيل دفاعي اهلڪارن کي قون??لر پهچ ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي.