اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي ??زي?? سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڍانچيوار سڌارن جي شروعات ڪري چڪ?? آهيون، آمدني ۽ کپت موجب ٽيڪس جي ادائيگي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم جاري آهي، ٽيڪس ترميمي بل جو مقصد ٽيڪسن کي ساڍا 13 سيڪڙو تائين آڻڻ آهي، ٽيڪسن بابت اهي هدف اسان کي ٽن سالن ۾ حاصل ڪرڻ?? آهن. اسلام آباد ۾ مملڪتي ??زي?? علي پرويز ملڪ، سڌ سماءَ واري ??زي?? عطا تارڙ ۽ ايف بي آر ??يئرمين راشد محمود لنگڙيال سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ ناڻي واري وفاقي ??زي?? محمد اورنگزيب چيو ته سڌارن واري ايجنڊا ۾ ٽيڪسيشن جو اهم ڪردار آهي، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي موجوده شرح 9 کان 10 سيڪڙو جي وچ ۾ آهي، حڪومت ٽيڪس ۽ جي ڊي پي جي هدفن کي 13 سيڪڙو کان مٿي وٺي وڃڻ جي خواهشمند آهي. محمد اورنگزيب چيو ته ناڻي واڌ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم جاري آهن، شفافيت لاءِ ڊجيٽلائيزيشن طرف وڃي رهي?? آهيون ته جيئن انساني مداخلت کي هيٺين سطح تائين آڻي سگهجي. هن چيو ته اسان روينيو هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي?? آهيون، جديد دور ۾ شفافيت لاءِ ڊجيٽلائيزيشن جي وڏي اهميت آهي. ناڻي واري ??زي?? چيو ته جيڪو ٽيڪس بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو آهي، ان جو مقصد آهي ته نان ڊڪليئريشن يا انڊر ڊڪليئريشن، يا طرز زندگي کي ٽيڪسن سان هم آهنگ ڪرڻ آهي، ان فارمل سيڪٽرز کي فارمل سيڪٽرز ڏانهن منتقل ڪيو ويندو، ٽيڪس پيئرز کي تنگ نه ڪيو ويندو. هن چيو ته ڊجيٽلائيزيشن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اينڊ ٽو اينڊ ڊجيٽلائيزيشن آڻي انساني مداخلت کي گهٽ کان گهٽ ڪيو پيو وڃي، ته جيئن ڪرپشن جي شڪايتن کي به گهٽ ڪري سگهجي، نظام ۾ انساني مداخلت گهٽ ٿيڻ جو مطلب ڪرپشن ۾ گهٽتائي آهي. ناڻي واري ??زي?? چيو ته مارچ ۾ جڏهن اسان حڪومت جو سفر شروع ڪيو ته انهي وقت هي سسٽم ڊزائين ڪرڻ تي ڪم شروع ڪيو ويو هو، هاڻي اسان ان جي تڪميل جي ويجهو آهيون، ديانتداري سان ٽيڪس ڏيندڙن کي وڌيڪ بار کان بچائڻ تي ڌيان ڏئي رهي?? آهيون، ٽيڪس گيپ ۽ ليڪيجز کي روڪڻ تي ڪم ڪيو پيو وڃي ته جيئن عام ماڻهن تي وڌيڪ بار نه پوي. محمد اورنگزيب چيو ته ڪجهه ڏينهن پهرين جڏهن آئون سيالڪوٽ چيمبر ۾ هئس، چيو هو ته اسان ڪڪڙين ۽ دالين جي قيمتن جو جائزو ورتو هو، ته جڏهن ٽرانسپورٽيشن ۽ ٻين شعبن ۾ قيمتون گهٽ ٿي رهيون هيون ته ان ٻنهي آئٽمز جون قيمتون ڇو وڌي رهيون آهن، ان کانپوءِ اسان چيف سيڪريٽرين ۽ صوبن کي درخواست ڪئي، جنهن کانپوءِ ڪڪڙ ۽ دال جون قيمتون به گهٽ ٿيون آهن. ناڻي واري ??زي?? چيو ته سيلز ٽيڪس جو جيستائين تعلق آهي، ته ايف بي آر ??يئرمين سمورين انڊسٽريز ۾ وڃي ??ين ان حوالي سان آگاهه ڪيو هو، سمورن سيڪٽرز ۾ گورننس بهتر بڻائي وئي آهي. ناڻي واري مملڪتي ??زي?? علي پرويز ملڪ چيو ته مالي خساري کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ??زي??اعظم جي سربراهي ۾ گورننس جو معيار بهتر ڪيو ويو، انهي سبب مهانگائي ۾ ساڍا 6 سالن جي تاريخي گهٽتائي اچي چڪي آهي، پنهنجي ٽيڪس جي وسيلن کي مناسب حد تائين وڌائڻو آهي ۽ ??ين برقرار رکڻو آهي، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته صرف پگهاردار طبقو ۽ صنعتون ئي ملڪ جو بار نه کڻن، پر هر شعبو پنهنجي صلاحيت ۽ حصي موجب ٽيڪس ڏي. اسان چاهيون ٿا ته سمورن شعبن کي فارمل سيڪٽر جو حصو بڻايو وڃي، ان لاءِ اسان کي نادرا ۽ ٻين اسان جي دوستن ڊيٽا فراهم ڪئي آهي، جنهن تي اسان انهن جا ٿورائت?? آهيون. ايف بي آر ??يئرمين راشد لنگڙيال چيو ته ٽيڪسن جو مجموعي خال 7 هزار ارب روپين کان وڌيڪ آهي، اداري جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، 27 لک ماڻهو پنهنجا ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائي رهي?? آهن، ٽيڪس نظام ۾ جديد ٽولز متعارف ڪراي?? آهن. هن چيو ته ٽيڪس ادائيگي لاءِ سڀني کي پنهنجي ذميواري نڀائڻي پوندي، اسان هڪ لک 90 هزار ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪي?? آهن، ان کانپوءِ 38 هزار ماڻهن ريٽرن فائل ڪري ڇڏيو، ٽيڪس وصولي ۾ اسان جو فوڪس ٽاپ 5 تي آهي. اي پي پي/م – ش/ر – م 15:47