چارسده-01 ڊسمبر (اي پي پي) سڌ سم??ءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ گذريل ڏينهن اطلاعات واري وزارت جي سينئر آفيسر محمد صالح خان جي والد جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن به وفاقي وزير سان گڏ هو. وفاقي وزير عطا الله تارڙ ۽ پي آءِ او مبشر حسن محمد صالح خان ۽ سندس وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ م??حوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته والد جو لاڏاڻو وڏو سانحو آهي، والد جي لاڏاڻي سبب پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهجي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ پوئينرن کي صبر ڏي. جنازي نماز ۾ سڌ سم??ءَ واري وزارت جي سينئر آفيسرن ۽ ميڊيا سان وا??يل شخصيتن به شرڪت ڪئي.