اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پ??ڪس??ان اسرائيلي طرز عمل جي جاچ جي لاءِ گڏيل قومن جي خصوصي ڪميٽي جي تازه ??ري?? رپورٽ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته رپورٽ ۾ غزه ۾ اسرائيل جي جنگي طريقن کي نسل ڪشيءَ جي ڪاررواين جي طور تي بيان ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اها شهرين جي مارجڻ ۽ لکين فلسطينين تي ڄاڻي واڻي مڙهيل سنگين حالتن جي دستاويز آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان ڪميٽي پاران گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي ۽ گڏيل قومن جي خلاف جاري مهم ۽ حملن جي مذمت جي آجيان ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ گذريل رات جي ووٽنگ جي نتيجي ۽ غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪرڻ واري قرارداد تي اتفاق راءِ تائين پهچڻ ۾ ناڪامي تي افسوس آهي. ترجمان چيو ته اسان فوري، غيرمشروط ۽ مستقل جنگبندي جي پنهنجي مطالبي ۽ انساني امداد تائين بنا رڪاوٽ پهچ سميت فلسطيني پناهگي??ن جي لاءِ گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ??ري??ن ٿا.