راولپنڊي-24 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير گهڻ قومي مشق انڊس شيلڊ 2024ع جو مشاهدو ڪيو ۽ ايئر فورس جي جنگي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو. آ??ِ ايس پي آر موجب گهڻ قومي مشق انڊس شيلڊ 2024ع جي مشاهدي لا??ِ اچڻ تي چيف آف ايئر اسٽاف، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر ??رم?? چيف جنرل عاصم منير جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل نويد اشرف پڻ موجود هو. ??رم?? چيف مشقن جي آپريشنز، ٽيڪنالاجيز جي ڊسپلي جو مشاهدو ڪيو، کيس سيڪيورٽي چئلينجن سان هم آهن?? رهڻ لاءِ پاڪ فضائيه جي ڪوششن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي. ان موقعي تي ??رم?? چيف جنرل عاصم منير ايئر ڪريو سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير هوائي سرحدن جي حفاظت لاءِ پي اي اي?? اهلڪارن جي عزم کي ساراهيو ۽ اپ گريڊيشن جي مختلف پروگرامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي انٽر سروس سهڪار جي اهم ڪردار تي زور ڀريو. ان موقعي تي پاڪ فضائيه جي سربراهه ??رم?? چيف جي دوري جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ??رم?? چيف جو دورو تربيت ۽ آپريشنل شعبي ۾ فوج ۽ فضائيه وچ ۾ سهڪار وڌائڻ واري عزم کي سگهه ڏي ٿو. ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر جو چوڻ هو ته مشق انڊس شيلڊ 20224ع شريڪ ملڪن وچ ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. مشق پنهنجي فضائي ۽ زميني عملي کي جنگي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي تربيت ڏيندي. مشق انڊس شيلڊ 2024ع خطي جي سڀ کان وڏي گهڻ قومي م??ق آهي جنهن ۾ 24 فضائي فوجون شريڪ آهن.