اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پشتون تحفظ موومينٽ جا ڪالعدم ٽي ٽي پي (فتنه الخوارج) ۽ افغان طالبان سان رابطا آهن، پي ٽي ايم پاڪستاني سفارتخانن تي حملا ڪيا ۽ پاڪستاني جهنڊي جي بي حرمتي ڪئي، انهن جي حملن ۾ افغان شهري ملوث ڏٺا ويا، سمورا ثبوت حاصل ڪرڻ کانپوءِ پي ٽي ايم تي پابندي هنئي وئي. خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان قياس آرائيون هلي رهيون آ??ن ته پي ٽي ايم کي ڇو ڪالعدم قرار ڏنو ويو، انهن سببن جو عوام جي لاءِ ڄاڻڻ تمام ضروري آهي. هن چيو ته گذريل ڇهن مهينن دوران پي ٽي ايم جون سرگرميون ڳڻتي جوڳيون رهيون آ??ن، انهن کي پاڪستان مخالف بيانيو هلائڻ جي لاءِ ٻاهرئين فنڊنگ ملي رهي آهي، انهن پاڪستاني سفارتخانن تي حملا ڪيا ۽ پاڪستاني جهنڊي جي بي حرمتي ڪئي، انهن جي حملن ۾ افغان شهري به ملوث ڏٺا ويا. هن چيو ته پشتون تحفظ موومينٽ جا تحريڪ طالبان افغانستان ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان (فتنه الخوارج) سان مڪمل رابطا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي رياست جي خلاف باقاعده فنڊيڊ مهم جي جاچ ٿي رهي آهي ته اها فنڊنگ ڪٿان اچي رهي هئي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جو پشتون تحفظ موومينٽ سان باقاعده رابطو هو. وفاقي وزير چيو ته پوري دنيا ۾ رهندڙ پختون اس??ن جا ڀاءُ آهن، پختونن پاڪستان جي ترقي، پاڪستان جي قيام ۽ تحريڪ پاڪستان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو پر پختون تحفظ جو لبادو ويڙهي دهشتگردن سان رابطو رکڻ، پاڪستان جي رياستي ادارن جي خلاف منظم مهم هلائڻ ملڪي ??الميت جي خلاف آهي. هن چيو ته اهو تحريڪ انصاف جي لاءِ به سبق آهي ته توهان جڏهن چئو ٿا ته خان نه ته پاڪستان نه، توهان ايتري وڏي تحريڪ شروع ڪئي ته اس??ن جي وڏي وزير کي اغوا ڪيو ويو آهي ۽ کيس مسنگ پرسن قرار ڏنو ويو. اولهه دنيا ۾ توهان وڊيوز سرڪيوليٽ ڪيون ۽ چيو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير گم ٿي ويو آهي، پوءِ وڏو وزير اوچتو نمودار ٿئي ٿو ۽ چوي ٿو ته 12 ضلعا عبور ڪري هو پنهنجي شهر پشاور پهتو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ توهان جي حڪومت آهي، توهان کي پنهنجي صوبي ۾ لڪڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. وفاقي وزير چيو ته توهان پرامن احتجاج ڪريو، مخالفت ڪريو، تنقيد ڪريو ڪا پابندي نه آهي پر جڏهن توهان پاڪستان جي جهنڊي کي باهه ڏيڻ جون ڳالهيون ڪندا ۽ پاڪستاني سفارتخانن تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، دهشتگرد تنظيمن سان رابطا رکندا ته ان جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ اسپورٽس ٽيلنٽ پروگرام منعقد ڪرائي رهي آهي، ليپ ٽاپ جو پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي، نوجوانن جي لاءِ يونيورسٽين ۾ مقابلا منعقد ڪيا پيا وڃن ۽ ٻئي طرف توهان نوجوانن کي اهڙو نظريو ڏيندا جيڪو زهر قاتل ۽ ڪوڙ تي ٻڌل هجي ته رياست پاڪستان نوجوانن جي لاءِ ڪجهه نه ڪري رهي آهي ته توهان ٻاهر نڪرو، اهو افسوسناڪ آهي. هن چيو ته جيڪا تنظيم يا سياسي پارٽي پي ٽي ايم سان ڪنهن به سرگرمي ۾ شامل ٿيندي، يا ان جي فنڊنگ ڪندي، رابطا رکندي، جوائنٽ اڪائونٽس کوليندي يا سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندي ته ان جي لاءِ به وارننگ آهي ته پي ٽي ايم هڪ ڪالعدم تنظيم آهي، ان سان رابطو رکڻ، فنڊنگ ڪرڻ، ان کي ڪنهن به طريقي سان پروموٽ يا سپورٽ ڪرڻ جي اجازت نه آهي. هن چيو ته پاڪستان جي خلاف ڪوڙ ۽ الزامن جي بنياد تي بيانيو جوڙيو ويو، ڪجهه ماڻهن کي پاڪ چين دوستي هضم نه ٿي رهي آهي پر اس??ن ان ڪمٽمنٽ سان گڏ بيٺا آهيون پاڪستان جي ترقي، سالميت ۽ بقاءَ جي لاءِ جان به قربان آ??ي ۽ پاڪستان جي ترقي جي لاءِ هر قدم کڻنداسين. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڪنهن کي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي ته هو پاڪستان کي عدم اس??حڪام جو شڪار ڪري. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين پاران مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيو آهي، مهانگائي 32 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 6.9 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، آءِ ٽي انڊسٽري وڌي ويجهي رهي آهي، پوري دنيا پاڪستان جي معاشي ترقي جي معترف آهي، اس??ن جا معاشي انگ اکر بهتر ٿي رهيا آهن، بلومبرگ پاڪستاني معيشت کي ساراهي رهيو آهي، فچ ۽ موڊيز پاڪستان جي ريٽنگ بهتر ڪري ڇڏي آهي، مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪنهن منع ڪيو آهي ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير مهانگائي ۾ گهٽتائي جا اثر پنهنجي صوبي جي عوام کي منتقل نه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم سمورن صوبن جي وڏن وزيرن کي خط لکيو آهي ته مهانگائي ۾ گهٽتائي جا اثر عوام کي منتقل ڪيا وڃن، اها صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز مهانگائي ۾ گهٽتائي جا اثر صوبي جي عوام کي منتقل ڪري رهي آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڪنهن به تنظيم کي ثبوتن جي بنياد تي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو، ان جي اندر سمورا ثبوت ڏٺا وڃن ٿا، فنڊنگ جا ذريعا ڏٺا وڃن ٿا ۽ ڏٺو وڃي ٿو ته ان فنڊنگ جا مقصد ڪهڙا آهن. هن چيو ته پشتون تحفظ موومينٽ پاڪستان جي رياست جي خلاف بيانيو جوڙيو آهي. هن چيو ته اڄ اس??ن جيڪو ڪجهه به آهيون پاڪستان جي ڪري آهيون، اس??ن کي جيڪو به مقام ۽ سڃاڻپ ملي آهي اها ملڪ خداداد ڏني آهي، پاڪستان سان اس??ن جي بقاءَ آهي، پاڪستان آ??ي ته اس??ن آ??يون. هن چيو ته ٻين سياسي پارٽين کي به گهرجي ته اهي ان هڪ نقطي تي گڏ ٿي وڃن. هن چيو ته گذريل ڏينهن فلسطين جي ايشو تي اي پي سي ٿي، سموريون سياسي پارٽيون ان ۾ شريڪ ٿيون ۽ معصوم ۽ مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اس??ن ان ڪاز تي حڪومت سان گڏ آهيون پر افسوس جو هڪ سياسي پارٽي تحريڪ انتشار ان ۾ حصو نه ورتو. آمريڪا مان انهن جي هڪ ليڊر چيو ته اس??ن کي اي پي سي ۾ حصو ناهي وٺڻو. هن چيو ته اهي صادق خان جي خلاف زيد گولڊ سمٿ جي مهم ته هلائي سگهن ٿا جيڪو اس??ائيل ??ي فنڊنگ ڪري ٿو. اهي اس??ائيل ??ي خلاف ۽ مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان حڪومت پاران منعقد ڪيل ??ي پي سي ۾ شريڪ نه ٿيا، انهن جو ڪو نمائندو اي پي سي ۾ اچڻ جي لاءِ تيار نه هو، انهن جو پنهنجو ڪاز آهي. ڇا انهن جو سياسي ليڊر ايترو وڏو آهي جو اهي فلسطين ڪاز جي لاءِ اي پي سي ۾ شريڪ نه پئي ٿي سگهيا؟ توهان کي گهرجي ها ته توهان فلسطين ڪاز تي اس??ن سان گڏ ويهو، پنهنجو موقف رکو ۽ ان پڌرنامي جو حصو بڻجو پر تحريڪ انصاف فلسطين ڪاز جي حوالي سان اي پي سي جو بائيڪاٽ ڪيو، انهن جا نظريا بلڪل وا??ح آهن انهن سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آ??ن. هن چيو ته حڪومت فلسطين ۽ لبنان ۾ امدادي سامان موڪلڻ جي حوالي سان ڪوششن کي ٻيڻو ڪري رهي آهي، وزيراعظم هڪ ڪميٽي جوڙي آهي، هڪ ريليف اڪائونٽ پڻ کوليو ويندو پر هڪ شيءَ وا??ح آهي ته سڀ کان پهرين پاڪستان آ??ي، پاڪستان تي جان به قربان آ??ي، هي ملڪ آهي ته سڀ ڪجهه آهي. هن چيو ته ملڪ دشمنن سان گڏجي ملڪ جي خلاف سازش ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، هن ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي پاسداري ٿيندي ۽ ملڪ ترقي ڪندو.