اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بزرگ شهرين کي پنهنجو ??جر??و ۽ دانشمندي نوجوان نسل کي م??تقل ڪرڻ ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته بزرگ ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي م??قعي تي اسان بزرگ ماڻهن جي لاءِ نگهداشت ۽ سارسنڀال جي نظام کي به??ر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. صدر اهڙن خيالن جو اظهار بزرگ ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي م??قعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته بزرگ شهري نه رڳو اسان جي معاشري جو بنياد آهن پر اهي علم، حڪمت ۽ ??جر??ي جو خزانو به آهن، اسان جو مذهب اسان کي پنهنجي والدين ۽ بزرگ?? سان محبت ۽ شفقت سان پيش اچڻ جو درس ڏي ٿو. صدر چيو ته اسان جا والدين ۽ بزرگ ٻارن جي پرورش ۾ وقت، محبت، توانائي ۽ وسيلن جي صورت ۾ بي پناهه قربانيون ڏين ٿا، اها اسان جي اخلاقي ۽ مذهبي ذميواري آهي ته اسان انه?? سان عزت ۽ وقار سان پيش اچون ۽ پوڙهائپ ۾ انهن جو خيال رکون. صدر چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جو آئين رياست تي اها ذميواري لاڳو ڪري ٿو ته اها انهن سمورن شهرين جي لاءِ زندگي جون ضرورتون فراهم ڪري جيڪي ڪمزوري، بيماري يا بيروزگاري جي ڪري مستقل يا عارضي طور تي پنهنجي روزي ڪمائڻ کان قاصر آهن. هن چيو ته پاڪستان بزرگ شهرين جي ڀلائي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، جيئن جيئن ماڻهن جي عمر وڌي ٿي اهي ٻين تي دارومدار ڪرڻ لڳن ٿا ۽ انهن کي خصوصي سارسنڀال جي وڌيڪ ضرورت هوندي آهي، ان لاءِ اسان جي بزرگن کي سستي طبي سهولتن تائين پهچ ڏيڻ لازمي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت?? سان گڏوگڏ سول سوسائٽي کان مطالبو ڪريان ٿو ته اهي به??ر صحت جي سهولتن کي ترجيح ڏين، سماجي تحفظ به??ر بڻائين، بزرگن جي حقن جو تحفظ ڪن ۽ انهن کي هڪ دوستاڻو ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪن. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اچو پاڪستان کي وڌيڪ جامع ۽ بزرگ دوست ملڪ بڻائڻ جي ڪوشش ڪريون.