اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سمورا يوٽيليٽي اسٽورز کلي ويا آھن ?? عوام کي معياري کاڌي پيتي جون شيون رعايتي ??يم??ن تي فراھم ڪري رھيا آھن. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپورشن جي ترجمان جمعي ڏينھن پنھنجي بيان ۾ چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جا سمورا آپريشنز بحال ٿي ويا آھن ?? سڄي ملڪ ۾ سمورا يوٽيلٽي اسٽورز کلي چڪا آھن ?? عوام کي معياري کاڌي پيتي جون شيون رعايتي اگهن ۾ فراھم ڪري رھيا آھن، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي انتظاميا ۽ ڪارڪن نئي جذبي سان عوام جي خدمت ۾ مصروف آھن. ھن چيو ته عوام جي سھولت ۾ اضافي لاءِ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن پنھنجي صارفين کي ڪيترين ئي شين تي خصوصي رعايت پڻ فراھم ڪئي آھي. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن پنھنجا سمورا وينڊرز، سپلائيرز، مينيوفيڪچررز ۽ ٻين روز مره جي استعمال جون شيون سپلائي ڪرڻ وارين ڪم??نين جو شڪريو ادا ڪيو جن يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي عزت ڏني ۽ مشڪل وقت ۾ اسان سان گڏ بيٺل ھئا. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن انھن سمورن اسٽيڪ ھولڊرز، وينڊر?? ۽ ??پلائرز جو دل سان شڪريو ادا ڪري ٿي.