اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) يوٽي??ٽي اسٽورز ڪارپوريشن 800 کان وڌيڪ شين جي اگهن ۾ 10 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي آهي، ڪارپوريشن جي بيان موجب مختلف برانڊز جا گيهه، ڪوڪنگ آئل، چانهه، صرف، نوڊلز، ڪيچ اپ، ٽيٽرا پيڪ کير، خشڪ کير، مص??لحا، سانڌا??ي، صابڻ، ٽوٿ پيسٽ ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ 200 روپين تائين جي شاندار لاٿ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته يوٽي??ٽي اسٽورز تي بينظير انڪم اسپورٽ پروگرام جي سبسڊي في الحال بند آهي، جيڪا تمام جلد نئين طريقيڪار تحت بحال ??ي ويندي، بيان موجب يوٽي??ٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي انتطاميا صارفين کي بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ نئين حڪمت عملي تي ڪم شروع ڪيو آهي. ادارو صارفين جو اعتماد بحال رکڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، ترجمان چيوته صارفين کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ، معياري ۽ رعايتي شين جي وڌيڪ مقدار ۾ فراهمي لاءِ عملي طور تي قدم کنيا پيا وڃن.