اسلام آباد -04 سيپٽمبر (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناالله پارلياماني وفد سان گڏ پارليامينٽ لاجز ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، سين??ٽر عثمان ب??ديني، اعجاز جکراڻي ۽ خالد مگسي شامل هئا. ملاقات کان پوءِ راڻا ثناالله ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سردار اختر مينگل اسان جو ڀاءُ ۽ سينئر سياستدان آهي، بلوچستان ۾ سندس پارٽي جي وڏي اهميت آهي. هن چيو ته سردار اختر مينگل جو فيصلو سرپرائيز هو، اڄ اسان ان سان ويه?? ڳالهيون ڪرڻ لاءِ آيا آهيون، سندس جيڪا به ناراضگي آهي ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.