اسلام آباد -28 آگسٽ (اي پي پي) سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل ويجهن ۽ مضبوط لاڳاپن جو مظهر آهي، موجوده حڪومت جي ڪوششن سان سي پيڪ هاڻي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ صنعتي ۽ زرعي سهڪار، گوادر جي ترقي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي فوڪس ڪيو ويندو، جنهن جا ڏور رس هاڪاري نتيجا حاصل ٿيندا ۽ معاشي ترقي جي راهه هموار ٿيندي. رٿابندي واري وزارت جي اختيارين مطابق گذريل 10 سالن دوران 200000 سڌي ۽ اڻ سڌي ريت نوڪريون پيدا ڪندڙ 30 کان ??ڌيڪ منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ وڌيڪ ترقي جي مختلف مرحلن ۾ آهن، جيڪي جٽادار اقتصادي ترقي لاءِ هڪ آواز جوڙي رهيا آهن. ان کان علاوه 6000 ميگاواٽ کان ??ڌيڪ بجلي قومي گرڊ ۾ آندي وئي آهي، 809 ڪلوميٽر هاءِ وي ٺاهيا ويا آهن ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 886 ڪلوميٽر ٽرانسميشن ل??ئي??ون وڇايون ويون آهن. 10 سال اڳ پنهنجي قائم ٿيڻ بعد سي پيڪ پاڪستان جي بنيادي ڍانچي جي منظرنامي کي تبديل ??ري ڇڏيو آهي. آڪٽوبر 2022ع ت??ئي?? 6370 ميگاواٽ کان ??ڌيڪ جي مج??وع?? صلاحيت جا 11 منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن. سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ نه رڳو ان ??نصوبي جي دائره ڪار پر ان جي رفتار کي به تيز ڪيو ويندو. حڪومت ان ??نصوبي کي ڀرپور انداز ۾ اڳيان ??ڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. گڏيل سهڪار کي وڌيڪ اڳيان ??ڌائڻ لاءِ رٿابندي ترقي ۽ سڌارن واري وزارت ڏينهن رات مصروف آهي، جنهن جو ڪم مختلف شع??ن ۾ سهڪار وڌائڻ ۽ مستقبل ۾ سي پيڪ جي منصوبن تي عمل کي يقيني بڻايو ويندو.