اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف عل?? زرداري پيرس اولمپڪس 2024ع ۾ مردن جي جيولين ٿرو ۾ شاندار ڪارڪردگي جي اعتراف ۾ اولمپڪ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ ا??شد نديم کي هلال امتياز جي اعزاز سان نوازيندي سندس لاءِ پنهنجي پاران 10 ڪروڙ رپيا انعام جو اعلان ڪندي چي?? آهي ته سنڌ حڪومت کي پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي انڊومنٽ فنڊ ۾ 250 ملين رپين جو حصو وجهڻ لاءِ چوندس. صدر اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ا??شد نديم کي ايوان صدر ۾ منعقد هڪ سادي ۽ پروقار خصوصي تقريب ۾ هلال امتياز جو اعزاز عطا ڪيو. تقريب ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، غيرملڪي سفيرن، مختلف راندين سان واڳيل رانديگرن، اڳوڻي اولمپيئنز ۽ آفيشلز ۽ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. بعد ۾ صدر آصف عل?? زرداري سان ا??شد نديم ملاقات پڻ ڪئي. ان موقعي تي ا??شد نديم جو ڪوچ سلمان اقبال بٽ، بين الصوبائي رابطن واري وزارت جو سيڪريٽري نديم ا??شد ڪياني، ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان اسپورٽس بورڊ محمد ياسر پيرزاده ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. صدر چي?? ته ا??شد نديم اولمپڪ رڪارڊ ٺاهي ملڪ جو مقام فخر سان بلند ڪيو آهي، هن ا??شد نديم جي شاندار ڪاميابي، مسلسل محنت ۽ لگن کي ساراهيو. ا??شد نديم کي مبارڪباد ڏيندي صدر آصف عل?? زردا??ي چيو ته ا??شد نديم 92.97 ميٽر ٿرو ڪري اولمپڪ رڪارڊ ٺاهي ملڪ جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو. صدر سندس شاندار ڪاميابي، محنت ۽ لگن کي ساراهيو جنهن نه رڳو پاڪستان جو نالو بلند ڪيو پر سڄي ملڪ جي لاتعداد نوجوان رانديگرن کي پڻ متاثر ڪيو. صدر پاڪستان ۾ ٻين راندين خاص طور تي سنگلز کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? ته راندين جي ٻارن کي اسڪالرشپ ڏيڻ گهرجي. صدر چي?? ته رانديگرن جي ڀلائي لاءِ سنڌ حڪومت کي پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي انڊومنٽ فنڊ ۾ 250 ملين رپين جو حصو وجهڻ لاءِ چوندس. هن چي?? ته ا??شد نديم نوجوانن کي رڪاوٽون عبور ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي راندين جي ميدان ۾ سڃاڻپ ٺاهڻ جو حوصلو ڏنو آهي، اميد آهي ته ا??شد نديم مستقبل ۾ به ملڪ جو نالو روشن ڪندو رهندو. اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ا??شد نديم هلال امتياز جو ايوارڊ ڏيڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي هن جيولين ٿرو ايونٽ جو عالمي رڪارڊ ٽوڙڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، هن پنهنجي خاندان ۽ قوم جي دعائن ۽ نيڪ خواهشن تي پڻ ٿورا مڃيا. صدر آصف عل?? زرداري ا??شد نديم جي ڪاميابي ۾ رهنمائي تي ڪوچ سلمان اقبال بٽ جي خدمتن کي پڻ ساراهيو.