اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ??لو??ستان پاڪستان جو اهم صوبو آهي، ماضي ۾ اسان دهشتگردي ختم ڪئي ۽ ملڪ کي معاشي طور تي طاقتور بڻايو، پاڪستان دنيا جي پهرين 20 معيشتن ۾ شمار ٿيڻ جي تياري ڪري رهيو هو، اڃا به دير ناهي ٿي، ??ڀئي پارٽيون گڏجي ويهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي قائد ايوان سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته هي ملڪ اسان سڀني جو آهي، ??سان سڀني کي ئي ا?? کي بچائڻو ۽ مضبوط بڻائڻو پوندو، هاڻي ڳالهه ناراضي کان تمام گهڻو اڳتي وڌي چ??ي آهي، ??سان کي گڏجي ويهي مستقبل جي حڪمت عملي تيار ڪرڻي پوندي. هن چيو ته ??لو??ستان ۾ گذريل ڏينهن جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي هر پاڪستاني جي دل ڏکويل آهي، ??لو??ستان اسان سڀني جي دل جي تمام ويجهو آهي، ??ڄ وفاقي ڪابينا ۾ به ان تي تفصيلي ڳالهه ٿي، ??لد وزيراعظم ??لو??ستان ويندو جڏهن ته گهرو وزير ??لو??ستان پهچي چ??و آهي، ??لو??ستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو تمام گهڻو افسوسناڪ آهي، ??ياست پاڪستان کي تسليم ڪندڙن سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته جبلن تي چ??هي بيگناهه ماڻهن کي ماريندڙن جي شديد مذمت ڪريون ٿا، اسان کي هر صورت ۾ دهشتگردي کي ختم ڪري ا??ن آڻڻو آهي، ماضي ۾ اي پي ا??س کانپوءِ به سياسي پارٽين گڏجي ويهي دهشتگردي جي خاتمي جو پڪوپهه ڪيو هو. هن چيو ته ماضي ۾ آپريشن ضرب عضب، آپريشن ردالفساد ڪاميابي سان ٿيا، اسان انه?? آپريشنز جي لاءِ سئو ارب رپيا ساليانو فراهم ڪيا جيڪو صحيح قدم هو. هن چيو ته ٻيهر ماضي جي دور ۾ ڀڄي ويل دهشتگردن کي واپس آندو ويو، اهو فيصلو تباهي آڻيندڙ هو جنهن جا نتيجا اڄ اسان جي سامهون آهن. هن چيو ته ??لو??ستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ٺيڪ نه ٿيو، پوري قوم متحد آهي، ??هشتگردن جو مڪمل صفايو ڪيو ويندو. هن چيو ته جيڪي به اهڙن واقعن ۾ ملوث آهن انهن جي خلاف رياست سخت کان سخت ڪارروائي ڪندي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو ناراض آهن انهن سان ڳالهه ٿي سگهي ٿي پر جيڪڏهن جبلن ۾ لڪي ماڻهن تي حملا ڪن ته اهڙن ماڻهن سان ڪا ڳالهه نٿي ٿي سگهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته ??لو??ستان حڪومت وفاق سان مڪمل رابطي ۾ آهي، ڪجهه ماڻهن کي استعمال ڪري هڪ صوبي ۾ افراتفري ڦهلائي پئي وڃي. اسحاق ڊار چيو ته دهشتگردي ۽ معاشي مسئلن تي اسان کي سياست نه ڪرڻ گهرجي، ??سان کي ڳالهين بدران حل طرف وڃڻو پوندو، اچو ان مسئلي تي گڏجي سوچون، دشمن چاهي ٿو ته پاڪستان معاشي قوت نه بڻجي. نائب وزيراعظم اجلاس ۾ تجويز ڏيندي چيو ته سينيٽ ميمبر هڪ ڏينهن مقرر ڪري وٺن، ان ڏينهن رڳو امن امان جي حوالي سان ئي ڳالهه ٿئي.