اسلام آباد-08 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا جي عالمي ترقي واري اداري (يو ايس ايڊ) ۽ پاڪستان ??ا اعليٰ تعليمي ادارا پاڪستاني يونيورسٽين ۾ شاگردن جي مدد جي خدمتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ اهم اڳڀرائي ڪري رهيا آهن، ان قدم جو مقصد شاگردن کي اڄ جي چٽاڀيٽي جي عالمي ??اح??ل ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ لاءِ ضروري مهارتن سان ڳنڍڻو آهي. يو ايس ايڊ جي هائير ايجوڪيشن سسٽم اسٽرينٿنگ ايڪٽويٽي (ايڇ اي ايس ايس اي) ذريعي رٿيل ٽئين سالياني اج??اس ۾ پاڪستان مان 16 شراڪتدار يونيورسٽين جي 100 کان وڌيڪ عهديدارن ۽ استادن شرڪت ڪئي. چئن ڏينهن جي سرگرمي آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ مضبوط شراڪتداري کي ا??اگ?? ڪري ٿي. هي شراڪتداري سمورن پاڪستانين لاءِ معياري اعليٰ تعليم تائين رسائي ۾ واڌ لاءِ ان ??ي گڏيل عزم کي ا??اگ?? ڪري ٿي. ان چئن ڏينهن واري سرگرمي جي افتتاحي سيشن جي صدارت پروفيسر ڊاڪٽر بشريٰ مرزا، ميمبر (آر اينڊ ڊي) ايڇ اي سي يو ايس ايڊ جي ڊپٽي مشن ڊائريڪٽر مورا اوبرائن سان گڏ ڪئي. ڊاڪٽر بشريٰ مرزا يونيورسٽي تي شاگردن جي احساس جو تعلق وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ شاگردن کي پنهنجي مستقبل جي تعين ۽ مستقبل ٺاهڻ لاءِ بااختيار بڻائين. هن وڌيڪ چيو ته ان ??ربراهي اج??اس ۾ پنهنجي موجودگي ۾ جامع ۽ مددگار ??اح??ل پيدا ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو جتي هر شاگرد ترقي ڪري سگهي. يو ايس ايڊ جي ڊپٽي مشن ڊائريڪٽر مورا اوبرائن پنهنجي خطابن ۾ ملازمتي صلاحيتن جي اهميت تي روشني وڌي. هن چيو ته ملازمتي صلاحيتن کي هٿي وٺرائڻ کي ترجيح ڏئي يونيورسٽي جي شاگردن کي پنهنجا پيشيوراڻا فرض سٺي نموني سرانجام ڏيڻ ۽ جديد افرادي قوت جي گهرجن کي پورو ڪرڻ جي امڪانن کي وڌائڻ لاءِ بهتر طريقي سان ??يار ڪري سگهي ٿي. هائير ايجوڪيشن سسٽم اسٽرينٿنگ ايڪٽوٽي جي سرگرمي آمريڪي يوٽاه يونيورسٽي ذريعي لاڳو ڪئي وڃي ٿي ۽ سڄي پاڪستان ۾ هائير ايجوڪيشن ۽ 16 شراڪتدار يونيورسٽين جي مدد ڪري ٿي، ان ??و مقصد پاڪستاني مارڪيٽ کي نظر ۾ رکندي تعليم ۽ تحقيق کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اداره جاتي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ آهي. سربراهي اج??اس ۾ مالي امداد شاگردن جي قائداڻي ڪردار، شاگردن جي مائيڪرو انٽر پرائيزز، ڪيريئر جي تياري، اڳوڻن شاگردن سان ??ابطو ۽ ذهني صحت سميت 6 موضوعاتي شعبن جو احاطو ڪيو ويو جيڪي پاڪستان ۾ اعليٰ تعليمي ادارن جي مدد لاءِ ضروري آهن. آمريڪا پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي بهتري، استحڪام ۽ معياري تعليم ذريعي سمورن پاڪستانين کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. ان ??لسلي جا پهريان ٻه ساليانا اج??اس شاگردن جي خدمتن ۽ مالي امداد جي ترقي تي ٻڌل هئا.