اسلام آ??اد-08 جولاءِ (اي پي پي) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران خيبر پختونخوا، ڏکڻ اوڀر سنڌ، اتر/ ڏکڻ بل??چستان، ڏکڻ پنجاب، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، تيز برسات سبب هيٺين سن?? ۽ ??يٺين بل??چستان جي هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي. موسميات کاتي جي رپورٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گر?? ۽ جهڙالي رهي جڏهن ته ڪراچي سميت ڏکڻ اوڀر سنڌ، مٿاهين خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان برسات ٿي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گر??ي پد مطابق تربت ۾ گر??ي پد 45، جيڪب آباد ۾ 44، نوڪنڊي، دالبندين ۾ 43، سبي، روهڙي، مٺي ۽ موهن جو ڊڙو ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.