لاهور – 04 – جون (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چين جي پنجن جي ڏينهن سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وز??را??ظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وز??را??ظم سان گڏ آهن. وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني وز??را??ظم لي ڪي ڪيانگ جي خصوصي دعوت تي 4 کان 8 جون تائين چين جو پنجن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. بيان موجب وز??را??ظم جو چين جو دورو چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ٻئي مرحلي ۽ پاڪستان چين اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وز??را??ظم پنهنجي دوري جي پهرين مرحلي ۾چيني شهر شينزن ويندو. وز??را??ظم ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن جي وچ ۾ حصيداري جي فروغ جي لاءِ چين جي شهر شينزن ۾ بزنس فورم ۾ شرڪت ڪندو. جڏهن ته وز??را??ظم چيني ون ونڊو آپريشن جي مشاهدي جي لاءِ نانشان ون ونڊو ۽ هواووي جي هيڊڪوارٽرز جو دورو پڻ ڪندو. وز??را??ظم دوري جي ٻئي مرحلي ۾ بيج??گ ويندو جتي سندس چين جي اعليٰ قيادت سان ملاقات ٿيندي. وز??را??ظم چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني هم منصب لي ڪي ڪيانگ سان ملاقات ڪندو. وز??را??ظم چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. ان کانسواءِ اعليٰ سرڪاري عهديدارن، مختلف ڪمپنين جي سربراهن ۽ چيني سيڙپڪارن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. بيجنگ ۾ وز??را??ظم عوامي يادگار (پيپلز يادگار) جو دورو پڻ ڪندو. وز??را??ظم پنهنجي چين جي دوري جي آخري مرحلي ۾ چيني شهر شيان ويندو جتي مقامي قيادت سان ملاقات سميت وز??را??ظم چين جي زرعي ??رق?? ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي مشاهدي جي لاءِ ماڊل فارمز ۽ گرين ٽيڪنالاجي ڪمپنين جو دورو ڪندو. دوري دوران پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ نه رڳو سي پيڪ جي ٻئي مرحلي، اسٽريٽجڪ حصيداري پر واپار ۽ سيڙپڪاري، دفاع، قومي ۽ علائقائي سلامتي، توانائي، خلائي تحقيق، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ هنر ۽ ثقافتي شعبي ۾ تعاون جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف جو چين جو دورو ٻنهي ملڪن جي حصيداري کي وڌيڪ مثبت رخ ڏيڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو.