اسلام آباد – 21 ?? مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابين?? ايرا?? جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿي?? جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي تعزيتي قرارداد منظور ڪندي پاڪ ايران لاڳاپن ۽ خطي جي حوالي سان خدمتن تي ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي کي خراج عقيدت پيش ڪيو جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ابراهيم رئيسي وڏو عالم ۽ صاحب بصيرت اڳواڻ هو، پاڪستان مخلص ۽ ڀائرن جهڙو دوست وڃايو. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شر??ف جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ايراني صدر، پرڏيهي وزير ۽ سندن ساٿي?? جي مغفرت جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. قرارداد ۾ چيو ويو چيو آهي ته پاڪستا?? جي حڪومت ۽ عوام کي اسلامي جمهوريه ايرا?? جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ٻين ساٿي?? جي افسوسناڪ حادثي ۾ شهادت جي خبر سان شديد صدمو ٿيو آهي. اسان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندانن ۽ اسلامي جمهوريه ايرا?? جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. اسان جون ??موريون همدرديون ??هيد?? جي گهرڀاتين ۽ ايراني عوام سان آهن. پوري پاڪستاني قوم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڀائر ملڪ ۾ ايران سان گڏ بيٺل آهي. ان حوالي سان وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي هڪ وڏو عالم ۽ صاحب بصيرت اڳواڻ هو. پاڪستان ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جهڙو مخلص ۽ ڀائرن جهڙو دوست وڃايو. وزيراعظم ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جي پنهنجي قوم سان گڏوگڏ پاڪستان ايران لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون ??ي فروغ جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته گذريل مهيني ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جو پاڪستان جو دورو اسا?? جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سان هڪ سنگ ميل هو. ايراني صدر جي پاڪستا?? جي دوري دوران پاڪستاني عوام سان گذريل لمحا سدائين ياد رکيا ويندا. ڪابينا پاران منظور ڪيل قرارداد ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته مرحوم صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي پاڪ – ايران لاڳاپ?? جي مضبوطي ۽ فروغ جي ويزن کي جاري رکيو ويندو. ڪابينا دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، ايراني پرڏيهي وزير ۽ انه?? جي ساٿين کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.