اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان افغانستان کي ڪيترائي ڀيرا ٺوس ثبوت ڏنا ۽ اهو مطالبو ڪيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پاڪستان 18 مارچ تي افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. پريس بريفنگ ۾ هن ??يو ته افغانستان جي خ??دم??تياري جو احترام ڪريون ٿا، افغانستان ڳالهين جي ذريعي مسئلن جو حل چاهيون ٿا. ترجمان چيو ته افغانستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو ويو. ترجمان فلسطين ۾ اسرائيلي فوج جي جارحاڻي ڪاررواين خاص طور تي غزه جي شفاءَ اسپتال تي تازي ح??لي جي شديد مذمت ڪئي جنهن ۾ رپورٽس موجب وڏي انگ ۾ معصوم ٻار ۽ عورتن سميت عام شهري مارجي ويا آهن. هن ??يو ته بيگناهه ماڻهن ۽ شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ جنگي ڏوهن جي زمري ۾ اچي ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني ح??ن جي جاري پائمالين جي پڻ شديد مذمت ڪئي. هن ??يو ته گذريل ٽن مهينن دوران ڀارت والاريل ڪشمير جي 14 سياسي پارٽين تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي جي مذمت ڪريون ٿا، ڪشميري سياسي پارٽين تي پابندي مذمت جوڳي آهي. ڪشمير بابت ڀارتي ليڊرن جي تازن بيانن کي رد ڪندي هن ??يو ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي جنهن جو حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي ذريعي ممڪن آهي.