اسلام آباد – 26 – جنوري (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايوان صدر ۾ صدر ۽ گلگت بلتستان جي گورنر جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي مجموعي صورتحال، ڪڻڪ سبسڊي، بلتستان يونيورسٽي ۽ اسڪردو جا مسئلا غور هيٺ آيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کيس باور ڪرايو ته ڪڻڪ سبسڊي مع??ملي تي هن نگران وزيراعظم ۽ ناڻي واري نگران وفاقي وزير سان ڳالهه ڪ??ي آهي ۽ اميد آهي ته گلگت بلتستان جي ٻين مسئلن سميت ڪڻڪ سبسڊي جو مع??ملو پڻ حل ڪيو ويندو. صدر چيو ته نگران وزيراعظم گلگت بلتستان ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن سان ڪڻڪ سبسڊي مع??ملي تي ملاقات جي لاءِ اتفاق ڪ??و آهي. واضح رهي ته گلگت بلتستان ڪائونسل جي وفد گذريل ڏينهن علائقي جي مسئلن ۽ سبسڊي جي مع??ملي تي صدر سان ملاقات ڪئي هئي. صدر وفد کي گلگت بلتستان جي مسئلن تي لاڳاپيل فورمز سان ڳالهه ڪ??ڻ جي خاطري ڪرائي هئي.