راولپنڊي-27 نومبر (اي پي پي)خيبر پختونخوا جي علائقي بنون ويجهو بڪا??يل ۾ سيڪيورٽي قافلي تي آپگهاتي حملي ۾ 2 ڄڻا شهيد ۽ 3 اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آپگهاتي حملو ڪندڙ جي سڃاڻپ افغان شهريءَ طور ٿي، جنهن جو تعلق ڪالعدم ٽي ٽي پ?? جي حافظ گل بهادر گرو?? سان آهي. آءِ ايس پي آر مطابق بڪا??يل ۾ موٽر سائيڪل تي سوار آپگهاتي حملو ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي حملو ڪندي پاڻ کي ڌماڪيدار مادي سان اُڏائي ڇڏيو. آپگهاتي حملي ?? 2 معصوم شهري شهيد ٿي ويا ۽ 3 فوجي اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر مطابق علائقي ۾ امڪاني طور تي موجود ڪنهن ٻئي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن جاري آهي. پا??ست??ني سيڪيورٽي فورسز دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.