قاهره-27 آڪٽوبر (اي پي پي) مصر جي گادي واري هنڌ قاهره ۾ پاڪستاني سفارتخاني جمعي ڏينهن ڪشمير جو ڪارو ڏينهن ملهايو، ان مو??عي تي هڪ سيمينار به منعقد ڪيو ويو. سفارتخاني طرفان ج??عي ڏينهن جاري بيان موجب تقريب ۾ مصر جي تعليمي ماهرن، دانشورن، ميڊيا جي نمائندن، سول سوسائٽي، اهم شخصيتن ۽ الازهر يونيورسٽي جي شاگردن شرڪت ڪئي. ان مو??عي تي صدر مملڪت، وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جا پيغام به پڙهي ٻڌايا ويا.مهمان مقررن پنهنجي تقريرن ۾ چيو ته ڀا??ت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي، ڄمون ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن ج?? لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ذريعي ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ امنگن موجب ٿيڻ گهرجي. مقررن ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ڀارتي قابض فوج ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن ج??ن سنگين ڀڃڪڙيون ڪري رهي آهي. مقررن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪنهن به ملڪ کي هڪطرفي طور تي ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ جو حق ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڀا??ت جي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن کي فوري طور تي واپس ورتو وڃي. مقررن ڪشمير جي آزادي پسندن کي سلام پيش ڪيو، تقريب ۾ ڀا??ت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام کي درپيش سنگين حالتن تي هڪ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. ان مو??عي تي پاڪستان ج?? سفير ساجد بلال چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀا??ت جي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن ڀارتي حڪومت کي ڄمون ڪشمير جي بهادر ماڻهن خلاف رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي ۽ ڏاڍ کي هوا ڏيڻ جي وڌيڪ حوصلا افزائي ڪئي آهي. هن ڀارت کان مطالبو ڪيو ته هو انهن غير قانوني قدمن کي واپس وٺي. سفير ساجد بلال ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڀا??ت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي ڀائرن ۽ ڀينرن ج?? پنهنجي اڻٽٽ حمايت ۾ سدائين ثابت قدم رهندو. ??ن چيو ته پاڪستان ج?? اخلا??ي، سياسي ۽ سفارتي حمايت ان وقت تائين جاري رهندي جيستائين ڀا??ت جي وحشياڻي قبضي مان لکين ڪشميرين کي آزادي جو خواب سچو نٿو ٿي وڃي.