اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيڪل شع??ي جي تعليم ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي خدمتن، م??موعي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته ص??ت جي شع??ي بابت پاليسين ۾ بيمارين جي علاج سان گڏ بچاءُ تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، وقت کان اڳ بيمارين کان بچاءُ ۽ وقت سر تشخيص سان ص??ت جي نظام تي پوندڙ بار کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اسلام آباد جي سينيٽ جي ڇهين اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ سينيٽر ثمينه ممتاز ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر تنوير خالق سميت سينيٽ ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي ترقياتي منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي نرسنگ جي شع??ي سميت ٻين شع??ن ۾ داخلائن جي انگ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. گهٽ ع??صي ۾ مختلف شع??ن ۾ 429 اسپيشلسٽ تيار ڪري چڪي آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀ ٽو ميڊيڪل يونيورسٽي عالمي سطح تي مختلف شع??ن ۾ وڏا تحقيقاتي گرانٽس کٽي چڪي آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ميڊيڪل جي شع??ي ۾ تحقيق ۾ پڻ نمايان ڪارڪردگي رکندڙ آهي. شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي مستقبل ۾ نوان پي ايڇ ڊي پروگرام شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي پنهنجي پهرين تدريسي بلاڪ جي تعمير پڻ مڪمل ڪندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بيمارين کان بچاءُ تي ڌيان ڏئي گهٽ قيمت ۾ ملڪ جي مجموعي ص??ت جي صورتحال ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي، رڳو بيمارين جي علاج تي ڌيان سان ملڪ جي ص??ت جون ضرورتون پوريون نه ٿي رهيون آهن. صدر سڄي ملڪ ۾ بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ آگاهي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ملڪ کي وڏي انگ ۾ ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي ضرورت آهي، يونيورسٽيون گريجوئيٽس وڌائڻ تي ڌيان ڏين، عام ماڻهو جي صحت سهولتن تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ ص??ت جي شع??ي ۾ تربيت يافته ماڻهن جو انگ وڌائڻو پوندو، عورت ڊاڪٽرن جي ص??ت جي شع??ي خدمتون برقرار رکڻ جي لاءِ خصوصي قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته عورتن کي ڪم جي جڳهه تي دوستاڻو ۽ هراسمينٽ کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻو پوندو، يونيورسٽيون تحقيق جي شع??ي ۾ پنهنجي ڪارڪردگي وڌائين، ٻاهرئين ملڪ مان ريسرچ گرانٽس حاصل ڪرڻ جي لاءِ ماهر ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪرڻيون پونديون. اجلاس ۾ يونيورسٽي قائم ٿيڻ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪاميابين ۽ ص??ت جي شع??ي ۾ خدمتن بابت پڻ ٻڌايو ويو. سينيٽ جي اجلاس ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي سالياني رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي. سينيٽ يونيورسٽي جي ملازمن جي سروس قانونن ۾ ترميم جي پڻ منظوري ڏني.