بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??يو آهي ته پاڪستان بيلٽ اينڊ روڊ جي چيني ويزن تحت رابطن جي فروغ لاءِ چين ۽ ٻين علائقائي حصيدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، سي پيڪ ترقي، خوشحالي، عوام جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ عوام کي غربت مان ڪڍڻ جو ذريعو آهي. ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) کي خ??اب ڪندي نگران وزيراعظم ??يو ته ان فورم ۾ شرڪت منهنجي لاءِ انتهائي خوشي جو سبب آهي. هن چيني قيادت جي بي آر آئي جي ويزن کي خ??ي ۽ عالمي سطح تي اهم اثر رکندڙ منصوبو قرار ڏيندي چيني صدر جي فورم کي خ??اب ۾ پيش ڪيل خيالن جي حمايت ڪئ??. ن??ران وزيراعظم ??يو ته بي آر آئي جو هڪ نئون دور شروع ٿي رهيو آهي، چين جو گڏيل ترقي، خوشحالي ۽ دنيا جي روشن مستقبل جي لاءِ ويزن عوام جي زندگين ۾ تبديلي آڻي رهيو آهي، رابطن ۽ واپار جي فروغ سان مختلف قومن کي هڪ ٻئي جي خيالن، تجربن ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ جا موقعا ملن ٿا ۽ عوام ۽ مختلف ثقافتن جي وچ ۾ رابطا قائم ٿين ٿا، گڏيل رابطن جي فروغ س??ن ئي دنيا کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ جا موقعا ملن ٿا. نگران وزيراعظم ??يو ته بي آر آئي رڳو رستن، ريل، تار ۽ نيٽ ورڪس جي ذريعي ڳنڍجڻ جو نالو نه آهي، اهو مختلف خطن جي عوام، تهذيبن ۽ ثقافتن کي ويجهو آڻيندو ۽ ان سان انسانيت ۽ امن جو رستو ملندو. نگران وزيراعظم اڻبرابري، ترقي يافته ۽ اسرندڙ ۾ فرق، قرضن ۾ اضافي، غذائي بحران ۽ ماحولياتي چئلينجز کي خ??رو قرار ڏيندي ??يو ته ڪيترن ئي خ??ن خاص طور تي اسرندڙ ملڪن کي گلوبل اڪانومي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جا موقعا فراهم ٿيڻ گهرجن. هن توانائي، ڊجيٽل نيٽ ورڪس، انفراسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽيشن ۾معاونت فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو ته ڊيجيٽل دور ۾ هڪ جهڙا موقعا فراهم ٿيڻ گهرجن. هن ??يو ته پاڪستان بي آر آئي جي سڀ کان پهرين حمايت ڪندڙن مان آهي ۽ اسان کي شموليتي ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ چين جو حصيدار هجڻ تي فخر آه??. ن??ران وزيراعظم بي آر آئي جي فليگ شپ منصوبي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي 10 سال مڪمل ٿيڻ جو ذڪر ڪندي ??يو ته ان تحت 25 ارب ڊالر جا 50 منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ جديد هائي ويز، بندرگاهون، ايئرپورٽس ۽ ريپڊ ماس ٽرانزٽ اسان جي ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ کي بهتر ڪيو آهي ۽ پٺتي پيل علائقن کي بهتر پهچ فراهم ڪئي آهي ۽ انهن جي لاءِ موقعا پيدا ڪيا آهن. نگران وزيراعظم ??يو ته سي پيڪ تحت توانائي جي منصوبن جي ذريعي 8 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي آهي جڏهن ته ايندڙ چار کان پنجن سالن ۾ 10 هزار ميگاواٽ ڪلين انرجي جي منصوبن جي تڪميل متوقع آه??. ن??ران وزيراعظم ??يو ته پاڪستان کي ٽريڊ، ٽرانزٽ ۽ ٽرانس شپمنٽ جو مرڪز بڻايو پيو وڃي جنهن سان خطي جي ٻين ملڪن کي به بهتر پهچ ۽ موقعا ملندا. هن ??يو ته گوادر جي بندرگاهه فعال ٿي چڪي آهي، گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ به جلد فعال ٿي ويندو جنهن سان گوادر علائقائي واپار جو مرڪز بڻجي ويندو. نگران وزيراعظم ??يو ته سي پيڪ هاڻي اڳئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي جنهن ۾ اهو ترقي جي لنگهه طور اڀرندو ۽ معيشتن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيندو، پٺتي پيل ۽ ڳوڍاڻي علائقن جي عوام کي علائقائي منڊين تائين پهچ ملندي، عالمي معيار جا تعليمي ۽ واپاري موقعا ملندا، سي پيڪ روزگار جي فراهمي جي لاءِ پڻ اهم لنگهه ثابت ٿيندو، عام ماڻهو جي زندگي جو معيار بلند ٿيندو ۽ لکين ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ ۾ مدد ملندي، اهو ڪوريڊور آف انوويشن جو ڪم پڻ ڪندو ۽ ان جي ذريعي آءِ ٽي ۽ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ملندي، سي پيڪ غذائي تحفظ ۽ زراعت کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ ۽ سبز ترقي جي لاءِ گرين ڪوريڊور ثابت ٿيندو ۽ ماحولياتي تحفظ جي لاءِ پڻ مدد ڏيندو. نگران وزيراعظم ??يو ته گڏيل ذميواري سان ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ويزن کي اختيار ڪري اسان پنهنجي ۽ پنهنجي نسلن جي لاءِ هڪ روشن، پرامن ۽ پائيدار مستقبل جوڙي سگهون ٿا. ان کان اڳ چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ ڪالهه اربع ڏينهن چيني صدر شي جن پنگ ٻن ڏينهن واري فورم جي اجلاس کي افتتاحي خ??اب ڪيو. ان موقعي تي 40 ملڪن جا نمائندا موجود هئا.