اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ حج انتظامن جي جائزي جي لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪندي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته حاجين جي لاءِ ٿيندڙ ??نتظامن تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو وڃي، نجي ڪمپنين جي سخت نگراني ڪري اهو يقيني بڻايو وڃي ته انهن جي ذريعي ويندڙ ??اجين کي ڪنهن به قسم جي مشڪلات نه ٿئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب نگ??ان وزيراعظم مذهبي معاملن وا??ي نگ??ان وزير انيق احمد ۽ مذهبي معاملن وا??ي سيڪريٽري کي پنهنجي نگراني ۾ حج انتظامن جي اڳواٽ تياري جي هدايت ڪئي. نگ??ان وزيراعظم حج انتظامن جي جائزي جي لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. نگ??ان وزيراعظم مذهبي معاملن وا??ي وزارت کي حج 2023ع جي حوالي سان حاجين جي شڪايتن تي ٺوس رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگ??ان وزيراعظم مذهبي معاملن وا??ي وزارت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي وا??ي وزارت کي گڏيل حصيداري سان حاجين جي سهولتن ۽ شڪايتن جي داخلا لاءِ موبائيل ايپلي ڪيشن ۽ ويب سائيٽ ٺاهڻ ۽ نجي حج ڪمپنين جي حوالي سان شڪايتن تي رپورٽ پيش ڪرڻ ۽ ان نظام جي لاءِ سڌاراجاتي ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. نگ??ان وزيراعظم چيو ته نجي ڪمپنين جي سخت نگراني ڪري اهو يقيني بڻايو وڃي ته انهن جي ذريعي ويندڙ ??اجين کي ڪنهن به قسم جُون مشڪلاتُون پيش نه اچن. نگ??ان وزيراعظم چيو ته حاجين جي لاءِ ٿيندڙ ??نتظامن تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو وڃي. نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ حج 2024ع جي لاءِ اڳواٽ تيارين جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ مذهبي معاملن وا??ي نگ??ان وفاقي وزير انيق احمد، مذهبي معاملن وا??ي سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نگ??ان وزيراعظم کي حج 2024ع جي تيارين تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگ??ان وزيراعظم مذهبي معاملن وا??ي نگ??ان وزير ۽ مذهبي معاملن وا??ي سيڪريٽري کي سعودي عرب ??و دورو ڪرڻ، پاڻ حج 2024ع جي تياري جي نگراني ڪرڻ ۽ تفصيلي رپورٽ جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.