اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رياست جونا ڳڙهه جي نواب محمد جهانگير ??ان??ي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نواب جهانگير ??ان??ي جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته نواب جهانگير ??ان??ي سڄي زندگي ڀارت جي جونا ڳڙهه تي ناجائز ??بضي جي خلاف آواز اٿاريو.