اسلام ??با?? – 11 – جولاءِ (اي پ?? پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي برادري کي نفرت، امتيازي سلوڪ، عدم برداشت جي روين جي خلاف متحد ٿيڻ ۽ گڏيل احترام، افهام تفهيم ۽ رواداري کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو آهي. قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعي سميت مذهبي نفرت پکيڙيندڙ واقعن تي انساني حقن واري ڪائونسل پاران منعقد هڪ هنگامي اجلاس کي ورچوئل خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چ??و ته بدقسمتي سان قرآن پاڪ جي ڄاڻي واڻي بي حرمتي جا واقعا جاري آهن. هن چ??و ته اهي ڪارروايون وڌ کان وڌ نفرت پکيڙڻ جي لاءِ انجام ڏنيون ويون آهن. هن چ??و ته اسان کي نفرت، امتيازي سلوڪ ۽ تشدد کي ڀڙڪائن جي ڪوششن تي نظر رکڻ گهرجي. اسان کي گڏجي ان جي مذمت ڪرڻ گهرجي، اسان کي نفرت پکيڙيندڙن کي جدا ڪرڻ گهرجي. هن چ??و ته ٽي مهينا اڳ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو پهريون عالمي ڏينهن ملهايو ويو جڏهن ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ان موقعي تي پ??ريون اجلاس منعقد ڪيو ويو هو. هن چ??و ته قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي عوامي ۽ سوچيل سمجهيل عمل سان مسلمانن کي پ??چندڙ گهري ڏک کي سمجهڻ ضروري آهي. بلاول ڀٽو زرداري قران پاڪ جي بي حرمتي کي مسلمانن جي عقيدي تي حملو قرار ڏيندي يچو ته روڪٿام ۽ احتساب جي لاءِ هن ڪائونسل آڏو پيش ڪيل مسودي جي متن ۾ مطالبو معقول ۽ ضروري هو. هن چ??و ته نفرت انگيز تقرير ۽ آزاداڻي تقرير کي جدا جدا ڪرڻ گهرجي ڇو ته اظهار جي آ??اد?? ايتري ئي لازمي آهي جيتري نفرت انگيز تقرير ناقابل دفاع آهي. هن چ??و ته دنيا ۾ هڪ به مسلمان ملڪ اهڙو نه آهي جيڪو ٻين مذهبن جي مقدسات جي بي حرمتي جي اجازت ڏيندو هجي، هن وڌيڪ چ??و ته اهڙي طرح جو عمل ڪنهن به مسلمان جي لاءِ ناقابل تصور آهي.