اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪس??ان ۽ قط?? واپار ۽ سيڙپڪاري تي ڌ??ان ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ۽ مستحڪم ڪندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قط?? جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ قط?? جي سفير جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم قط?? انويسٽمينٽ اٿارٽي جي وفد جي تازي دوري کي پاڪس??ان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ قط?? جي دلچسپي جو اظهار قرار ڏنو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه ۽ غذائي تحفظ، توانائي، آءِ ٽي، کاڻ کوٽائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون ۾ اضافي جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ٻئي ڀائر ملڪ واپار ۽ سيڙپڪاري تي ڌ??ان ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ۽ مستحڪم ڪندا. وزيراعظم قط?? جي سفير کي سندس مستقبل جي ذميوارين ۾ ڪاميابين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سفير مهمان نوازي ۽ گرمجوشي تي پاڪس??ان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا جنهن پاڪس??ان ۾ سندس مُدي کي حقيقت ۾ يادگار بڻائي ڇڏيو. قط?? جي سفير 2020ع ۾ ڪورونا وبا دوران پاڪس??ان ۾ ذميواريون سن??ال??ون هيون ۽ پنهنجون سفارتي ذميواريون مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هلندڙ مهيني پاڪس??ان مان روانو ٿي ويندو.