اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خيبرپختونخو??هه کي ترقي ۽ امن جو گهوارو بڻائي رهنداسين، گذريل حڪومت خيبرپختونخو??هه جي ترقي کي نظرانداز ڪيو، بجيٽ 24 – 2023ع ۾ ضم ٿيل قبائلي ضلعن جي ترقي جي لاءِ خصوصي قدم شامل ڪيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخو??هه سان تعلق رکندڙ مسلم ليگي قيادت سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پارلياماني معاملن واري وز??ر مرتضيٰ جاويد عباسي، وز??راعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام، سينيٽر پير ثاقب شاهه، قومي اسيمبلي ميمبرن ڪيپٽن محمد صفدر، سجاد احمد، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن شهاب الدين خان، جمشيد محمد، اورنگزيب نلوٺا شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. خيبرپختونخو??هه جي ايندڙ چونڊن ۾ تفصيلي مشاورت پڻ ڳالهه ٻولهه جو حصو رهي. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وز??راعظم کي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ خيبرپختونخو??هه ۽ قبائلي ضلعن جي ترقي جي لاءِ قدم شامل ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي وز??راعظم چيو ته خيبرپختونخو??هه کي ترقي ۽ امن جو گهوارو بڻائي رهنداسين. گذريل حڪومت خيبرپختونخو??هه جي ترقي کي نظرانداز ڪيو. بجيٽ 24 – 2023ع ۾ ضم ٿيل قبائلي ضلعن جي ترقي لاءِ خصوصي قدم شامل ڪيا آهن. يقيني بڻائينداسين ته وفاقي حڪومت جي صحت ۽ تعليم جي منصوبن مان خيبرپختونخو??هه جي عوام ڀرپور فائدو کڻي. وز??راعظم چيو ته خيبرپختونخو??هه جي باصلاحيت نوجوانن کي آسان شرطن تي قرض ۽ ليپ ٽاپ ڏينداسين. خيبرپختونخو??هه جي آبادگارن کي معياري ٻج ۽ وقت سر ڀاڻ فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪنداسين. سرحدي ضلعن ۾ واپار ۾ سهولت فراهم ڪري ماڻهن جون معاشي مشڪلاتون ختم ڪنداسين.