اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي خاطري ڪرائي آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي جاري پروگرام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ ج?? لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان آءِ ايم ايف جي مئنيج??گ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ان مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد جو عزم ڪيو. وزيراعظم ٻوڏ جي نقص??نن تي همدردي ۽ افسوس تي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي جا ٿورا مڃيندي جنيوا ۾ 9 جنوري تي ٿيندڙ عالمي ڪا??فر??س ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. آءِ ايم ايف جي ايم ڊي وزيراعظم پاران ڪا??فر??س ۾ شرڪت جي دعوت تي سندس ٿورا مڃيندي وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته آءِ ايم ايف جي بورڊ جو 9 ۽ 10 جنوري تي اجلاس اڳ ۾ طئي ٿيل آهي ان لاءِ هو ورڇوئل طور ڪا??فر??س ۾ شريڪ ٿي سگهندي. وزيراعظم ايم ڊي فنڊ کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي جاري پروگرام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ ج?? لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم پاڪستان کي درويش چئلينجز جي ادراڪ ۽ همدردي تي ايم ڊي جا ٿورا مڃيا.