اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول 2022ع جي ڪامياب شاگردن ۽ انهن جي والدين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته دنيا فلم کي سياحت جي فروغ لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، فلم جي ذريعي اسان پنهنجي ثقافت کي فروغ ڏئي سگهون ٿا، پاڪستان 1971ع ۾ دنيا جو چوٿون وڏو فلم پروڊيوسر ملڪ هو، پاڪستاني فلم انڊسٽري خاموش ٿي ته اس??ن جي ثقافت ۽ زبان به خاموش ٿي وئي، 2011ع ۾ فلم انڊسٽري ۾ ٻيهر بحالي جو عمل شروع ٿيو، پاڪست??ن جي پهرين نيشنل فلم اينڊ ڪلچر پاليسي 2017ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف شروع ڪئي، حڪومت 2022ع جي بجيٽ ۾ فلم انڊسٽري تي ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيا آهن، يونيورسٽين ۾ فلم سازي جي حوالي سان نصاب به شروع ڪيو پيو و??ي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول 2022ع جي ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو خاص وزيراعظم محمد شهباز شريف هو جڏهن ته ڊي پي ورلڊ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان احمد بن سلائم، وفاقي وزير، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت ناليوارا اداڪار ۽ شاگرد جا والدين پڻ تقريب ۾ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نيشنل اميچور فلم فيسٽيول پاڪست??ن جي نيشنل فلم اينڊ ڪچرل پاليسي جي ڪڙي آهي. هن چيو ته پاڪست??ن جي پهرين نيشنل فلم اينڊ ڪلچرل پاليسي جي شروعات اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف 2017ع ۾ ڪئي هئي، ان پاليسي تحت فريم ورڪ تيار ڪيو ويو هو پر ان تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو جنهن جي ڪري ان پاليسي تحت فراهم ڪيل فائدا فلم ميڪرز، پروڊيوسرز ۽ اداڪارن کي نه ملي سگهيا. هن چيو ته فلم سازي ۽ فلم پروڊڪشن کي رڳو تفريح جي ڏس ۾ نه پر اسڪرين ٽوئرازم، بياني سازي، تهذيب ۽ ثقافت جي زب??ن جي طور تي ڏٺو و??ي ٿو. هن چيو ته اسان فلم ذريعي پاڪست??ن جو مثبت تشخص اجاگر ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف فلم انڊسٽري جي ترقي ۾ خاص دلچسپي رکي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1948ع ۾ پاڪست??ن جي پهرين فلم جي شروعات ٿي ته ان وقت لاهور فلم پروڊڪشن جو مرڪز هو. پهرين فلم تيري ياد سان فلم پروڊڪشن جي شروعات ٿي. پاڪست??ن جي فلم انڊسٽري لالي ووڊ جي نالي سان مشهور ??ي، ان وقت پاڪست??ن جو بيانيو به تمام بهتر هو. هن چيو ته اسان پنهنجي ثقافت جي ذريعي دنيا سان ڳنڍيل هئاسين، 1971ع ۾ پاڪستان دنيا جو چوٿون وڏو فلم پروڊيوسر ملڪ هو، پاڪست??ن جي اندر فلم جي ڊيمانڊ هئي، پاڪست??ن جا ماڻهو پنهنجي ثقافت اسڪرين تي ڏسڻ پسندا ڪندا هئا جڏهن ته ڪيترائي اداڪار پاڪست??ن جي سڃاڻپ هئا. هن چيو ته ان دور کانپوءِ 25 کان 30 سالن جو عرصو پاڪستان فلم انڊسٽري جي لاءِ تمام مشڪل گذريو، اسڪرين تي اس??ن جو اميج به ڪمزور ٿي چڪو هو، پاڪستاني فلم انڊسٽري جي خاموشي سان گڏ اس??ن جي ثقافت ۽ زبان به خاموش ٿي وئي هئي. هن چيو ته 2011ع ۾ فلم انڊسٽري ٻيهر بحال ٿيڻ شروع ??ي، ان وقت اس??ن جي نوجوان نسل ۽ نئين پروڊيوسرز ان ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ فلم اهو ذريعو آهي جنهن کي ملڪن پنهنجي بيانيي جي جوڙجڪ جي لاءِ استعمال ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي انقلاب سان گڏوگڏ شارٽ فلم جي اهميت به وڌي رهي آهي. هن چيو ته تازي ٻوڏ دوران شارٽ فلم جي ڪري قومي ۽ عالمي سطح تي ٻوڏ سٽيلن جي حوالي سان ڪافي موبلائيزيشن ??ي، اها ئي شارٽ فلم جي طاقت آهي. هن چيو ته جڏهن پاڪست??ن جي پهرين فلم اينڊ ڪلچرل پاليسي جي شروعات ٿي ته وزيراعظم شهباز شريف ان وقت پنجاب جو و??و وزير هو، 18 هين ترميم کانپوءِ فلم جيئن ته صوبائي سبجيڪٽ هو، ان وقت پنجاب ۾ سئنيما گهرن تي اينٽرٽ??نم??نٽ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي. هن چيو ته شهباز شريف کي فلم انڊسٽري جو احساس هو، هن سئنيما گهرن تي انٽرٽ??نم??نٽ ڊيوٽي ختم ڪري ڇڏي هئي، فلم فنانس فنڊ پڻ قائم ڪيو ويو جيڪو بعد ۾ ختم ڪيو ويو. هن چيو ته 2022ع جي بجيٽ ۾ اسان پهرين نيشنل فلم اينڊ ڪلچرل پاليسي تي عملدرآمد جي شروعات ڪئي، ان پاليسي تحت فلم انڊسٽري تي ٽيڪس ختم ڪيا ويا، هاڻي پاڪستان ۾ فلم انڊسٽري تي زيرو ٽيڪس آهي. هن چيو ته نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول ۾ آءِ ايس پي آر ۽ اطلاعات واري وزارت اهم ڪردار ادا ڪيو. هن فيسٽيول ۾ ڪامياب ٿيندڙ 15 شاگردن کي اسڪالرشپس ڏني پئي وڃي. انهن نوجوانن جي لاءِ اسڪالرشپس اسپانسر ڪرڻ تي ڊي پي ورلڊ جا پڻ ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪست??ن جي يونيورسٽين ۾ فلم ميڪنگ جو نصاب به شروع ڪيو پيو و??ي، ان سان اس??ن جا شاگرد پاڪستان ۾ فلم سازي سکي سگهندا. هن چيو ته فنڪارن جي سپورٽ جي لاءِ فلم آرٽسٽ فنانس فنڊ شروع ڪيو ويو آهي جنهن جي اندر فنڪارن جي ميڊيڪل انشورنس جو بندوبست ڪيو پيو و??ي. اطلاعات واري وفاقي وزير ان يقين جو اظهار ڪيو ته جڪڏهن فلم انڊسٽري ائين ئي ترقي ڪندي رهي ته ايندڙ سالن ۾ پاڪست??ن جو بيانيو مثبت طريقي سان دنيا آڏو اجاگر ٿيندو. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد شارٽ فلم جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته اسان کي دنيا ۾ پاڪست??ن جو مثبت شخص اجاگر ڪرڻو آهي، ان مقصد جي لاءِ شارٽ فلمز مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته هن ڀيري شارٽ فلم جو ٿيم سمنڊ ۽ جبل آهي. تقريب کي ڊي پي ورلڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان احمد بن سلائم پڻ خطاب ڪيو.