اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته رياست جي عملداري هر قيمت تي قائم ڪئي ويندي، ڪنهن کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم ۽ بهادر هٿياربند فوج جي بي مثال قربانين جي ذريعي حا??ل ڪيل ڪاميابين کي پٽڙي تان لاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هو سي ايم ايڇ راولپنڊي ۾ سي ٽي ڊي بنون آپريشن ۾ زخمي ٿيندڙ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جو??نن سان ڳالهائي رهيو هو. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه خميس ڏينهن سي ايم ايڇ راولپنڊي سي ٽي ڊي ڪمپليڪس بنون آپريشن دوران زخمي ٿيندڙ آفيسرن ۽ جو??نن جي عيادت ڪئي، وزيراعظم آپريشن ۾ حصو وٺندڙ فوجين جي جرئت ۽ بهادري کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته شهيدن ۽ انهن جي گهرڀ??تي?? پاڪستان جي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو ته اسان پرامن ۽ مستحڪم ماحول حا??ل ڪرڻ تائين هر قسم جي دهشتگردن، انهن جي حامين ۽ همدردن جي وچ ۾ ڳٺ جوڙ کي ٽوڙڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم چيو ته رياست جي عملداري هر قيمت تي قائم ڪئي ويندي ۽ ڪنهن کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم ۽ بهادر هٿياربند فوج جي بي مثال قربانين جي ذريعي حا??ل ڪيل ڪاميابين کي پٽڙي تان لاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.