اسلام آ??اد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڳوڻي چيني صدر جيانگ زي م?? جي لاڏاڻي تي تعزيت جي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو، هن ??اڪ??تا?? جي حڪومت ۽ عوام پاران چيني قيادت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر چيني سفير نونگ رونگ سان پڻ تعزيت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چيني سفارتخاني جي دوري جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڳوڻي چيني صدر جي لاڏاڻي تي گهرو ڏک ۽ افسوس ٿيو. منهنجا خيال ۽ مخلصاڻيون دعائون اڳوڻي صدر جي گهرڀاتين، دوستن ۽ چيني عوام سان گڏ آهن. صدر عارف علوي چيو ته جيانگ زي من هڪ بهترين سياستدان ۽ ڏاهو اڳواڻ هو، اڳوڻي صدر ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي سطحن تي عالمي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏنو، جيانگ زيمن ??اڪ??تان جو هڪ عظيم ۽ بااعتماد دوست هو. هن چيو ته جيانگ زيمن ٻنهي ملڪ?? جي و?? ۾ ??طرفي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل دوستي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ انمول ڪردار ادا ڪيو، اڳوڻي صدر ??اڪ??تان ۽ چي?? جي وچ ۾ عوامي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ??اڪ??تان ۽ چي?? جي وچ ۾ دوستي غيرمعمولي اعتماد، افهام ۽ تفهيم، اسٽريٽجڪر ابطي ۽ وسيع تر عملي تعاون تي ٻڌل آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان سي پيڪ تحت منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، سي پيڪ منصوبا ??اڪ??تا?? جي ڏورانهن علائق?? جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ حصيداري جي عڪاسي ڪن ٿا، سي پيڪ ??اڪ??تا?? جي معاشي منظرنامي کي تبديل ڪيو آهي، خصوصي اقتصادي زونز کي جلد مڪمل ڪرڻ سيڙپڪاري کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. ص??ر ڪورونا ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران چي?? جي فراخدلاڻي امداد تي ٿورا مڃيا. بعد ۾ ??اڪ??تان ۽ چي?? جي سرڪاري ميڊيا کي جاري ڪيل پريس بيان ۾ صدر چي?? جي اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ پائيدار امن، عالمي ۽ علائقائي معاشي ۽ مالياتي استحڪام ۾ چين کي مرڪزي حيثيت حاصل ٿي وئي آهي.