اسلام آباد – 29 – نومبر (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيف آف ??رم?? اسٽاف جنرل سي?? عاصم منير کي ٽيليفون ڪئي ۽ ??رم?? چي?? جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب آڙمي چيف سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بهادر پاڪ فوج جي سپهه سالار جو عهدو سنڀالڻ وڏو اعزاز آهي، پاڪ فوج کي توهان جهڙو پيشيواراڻي قابليت رکندڙ سربراهه ملڻ الله تعاليٰ جو خاص فضل آهي. وزيراعظم چيو ته پورو يقين آهي ته توهان جي قيادت ۾ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ ملڪ جي دفاع جي قوت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، ملڪ جي تحفظ ۽ سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي سميت سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ الله تعاليٰ توهان جي مدد ۽ رهنمائي فرمائي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ تحفظ جي لاءِ اسان جو ڀرپور تعاون توهان کي ميسر هوندو. ??رم?? چيف جنرل سي?? عاصم منير نيڪ خواهشن جي اظهار ۽ مبارڪباد تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.