اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي قاتلاڻي ح??لي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو حملو افسوسناڪ، ڳڻتي جوڳو، مڪروهه فريب سان ڀريل ۽ بزدلاڻو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان م??جب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ج?? قاتلاڻي ح??لي ۾ بچي وڃڻ تي الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪريان ٿو، ان ج?? ٽنگ ۾ ڪجهه گوليون لڳڻ سان هو زخمي ٿيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته س??دس حالت نازڪ نه آهي. هن چيو ته اهو حملو افسوسناڪ، ڳڻتي جوڳو، مڪروهه فريب سان ڀريل ۽ بزدلاڻو آهي، الله ان کي ۽ سمورن زخمين کي صحت عطا فرمائي.