گڏيل قومون – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري ??ملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديليون سڄي دنيا جو گڏيل مسئلو آهن، پا??ست??ن ۾ هن وقت ٻوڏ سبب هيلٿ ڊيزاسٽر آهي، سرديءَ اچڻ واري آهي، ٻوڏ متاثرين کي دوائون، ڪمبل، گرم ڪپڙا ۽ چادرن وغيره جي سخت ضرورت آهي، جيڪي ماڻهو ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ چاهين ٿا اهي پنهنجي مرضي سان پاڻ اين ڊي ايم اي ۽ سول سوسائٽين جي ذريعي به مدد ڪري سگهن ٿا. گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ لابي ۾اطلاعات ۽ نش??يات واري ??زارت جي اهتمام هيٺ ”پا??ست??ن ۾ ٻوڏ، موسمياتي تبديلي“ جي موضوع تي ٿيندڙ تصويري ??مائش جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نش??يات واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪيتريون ئي عورتون اميد سان آهن، هن وقت اتي ٻارن جي کير، ٻارن جي خوراڪ سميت ٻين شين جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته وزيراعظم سنڌ ۽ بلوچستان ۾ خيمن جي ورڇ جي حوالي سان هدايتون جاري ڪيون هيون. انهن علائقن ۾ متاثرين جي ضرورت موجب خيما ورهايا پيا وڃن. هن چيو ته اين ڊي ايم اي روزاني جي بنياد تي عوام کي پنهنجي ڊيٽا فراهم ڪري ??ي ۽ عوام کي آگاهه ڪيو ويندو آهي ته ڪنهن جڳهه تي ڪهڙي شيءَ جي ضرورت آهي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته ٻوڏ متاثرين جي لاءِ سڀئي ڪو??شون استعمال ۾ آنديون پيون وڃن. گذريل ڏينهن وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي حوالي سان جائزه اج??اس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ خبر پئي ته پيناڊول ۽ پيراسيٽامول جي گهٽتائي آهي. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪري ??کڙجندڙ بيمارين ۽ ڊينگي جي ڪري ??يناڊول ۽ پيراسيٽامول جي کپت ۾ اضافو ٿيو آهي. انهن دوائن جي ڊيمانڊ وڌيڪ ۽ پيداوار گهٽ آهي. جڏهن ته پيداواري ??اڳت وڌيڪ آهي. هن چيو ته وزيراعظم واضح طور تي هدايت ڪئي آهي ته انهن دوائن جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪيو وڃي. وزيراعظم ناڻي واري ??زارت کي انهن دوائن تي سبسڊي ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته جيڪي اين جي اوز بند آهن انهن جي اسڪريننگ جو پراسيس گهرو وزارت شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هن وقت اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي تمام سٺو ڪم ڪري رهيا آهن. جنهن کي وزيراعظم به ساراهيو آهي. جڏهن ته عوامي سطح تي به انهن کي ساراهيو پيو وڃي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ سول سوسائٽي جو هڪ ڪردار آهي، جڏهن حڪومتي ڪو??شن ۾ اهو ڪردار شامل ٿئي ٿو ته ڪنهن به ڊيزاسٽر کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت جو هن وقت ڌيان ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي تي آهي. گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان وزيراعظم عالمي سطح تي آواز اٿاريو آهي، جيڪو سڄي دنيا جو گڏيل مسئلو آهي.