اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو زهريلي گئس?? جي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گه?? آهي پر موسمياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان 1300 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ بي گهر ٿي چڪا آهن، اربين ڊالر جو نقصان ٿيو آهي، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ عالمي سهڪار، يڪجهتي ۽ مدد گهربل هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪئناڊا جي عالمي ترقي واري وزير هرجيت سنگهه سجن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم اهڙي مشڪل وقت ۾ جڏهن پاڪستان کي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جا اثر درپيش آهن، پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم کيس ٻڌايو ته ٻوڏ سان 1300 کان وڌيڪ ماڻهو فوت، 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر، 40 لک ايڪڙ کان وڌيڪ فصلون تباهه جڏهن ته 800000 چوپايو مال مري چڪو آهي جنهن سان ماڻهو روزگار شديد متاثر ٿيو آهي ۽ نقصان اربين ڊالر تائين پهچي چڪو آهي. وزيراعظم ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ يڪجهتي ۽ امداد تي ڪئناڊا کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي گئس?? جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گه?? آهي پر پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اثرن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي ۽ تازين موسمياتي تبديلين ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ان جو ثبوت آهي. ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ حڪومت جي قدمن کي اجاگر ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي جي لاءِ به مس??سل عالمي حمايت، يڪجهتي ۽ مدد جي ضرورت هوندي. وزيراعظم عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ، پائيدار اقتصادي ترقي ۽ صحت جي شعبن بابت منصوبن ۾ معاونت تي ڪئناڊا جي حڪومت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان بهتر تعمير جي حڪمت عملي تي عمل ڪندو، پاڪستان کي موسمياتي تبديلي?? جي اثرن جو مقابلو ڪندڙ بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير جي لاءِ ماهرن ۽ فني امداد جي ضرورت هوندي ته جيئن مستقبل ۾ قدرتي آفت?? جي تباهي آڻيندڙ اثرن کان بچي سگهجي. ڪئناڊا جي وزير هرجيت سنگهه سجن ٻوڏ متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪئناڊا جي حڪومت ٻوڏ ۽ موسمياتي تبديلي?? جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي گه?? ڪرڻ جي لاءِ پاڪستا?? جي مدد ڪندي.