اوسته محمد- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏجي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس بلوچستان جي ضلعي جعفرآباد جي تعلقي اوسته محمد ۾ واقع امدادي ڪيمپ جو دورو ڪيو، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي اوسته محمد ۾ يونيسيف جي سهڪار سان قائم امدادي ڪيمپ ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراع??م شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس امدادي ڪيمپ ۾ موجود ٻوڏ ??تاثرن سان مل??قات پڻ ڪئي.