اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جي ڪري گليشيئرز جي پگهرڻ جي رفتار تيز ٿي، گلگت بلتستان ۾ سياحت ۽ معدنيات جي شعبن ۾ ترقي جا وسيع موقعا موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموع?? صورتحال، گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ ج?? صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي بلتستان يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر جي مستقل مقرري تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر عارف علوي چيو ته يونيورسٽي گلگت بتلستان جي ماڻهن کي اعليٰ تعليم جي فراهم?? ۾ ??هم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، يونيورسٽي کي درپيش مشڪلاتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻوڏ ملڪ جي سمورن حصن کي متاثر ڪيو، موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جي ڪري گليشيئرز پگهرڻ جي رفتار تيز ٿي، گلگت بلتستان جو ??طو موسمياتي تبديلين جي ڪري خصوصي طور تي متاثر ٿ??و. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت ۽ معدنيات جي شعبن ۾ ترقي جا وسيع موقعا موجود آهن.