ڊيره غازي خان – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي ٻوڏ بابت وارننگ سسٽم کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ وڏن ڊيمن جي تعمير ضروري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظ??ار ٻوڏ کان متاثر علائقن جي دوري جي موقعي تي ڊيره غازي خان ضلعي انتظاميا پاران ڏيندڙ بريفنگ دوران ڪيو. صدر ڊيره غازي خان ۾ 3 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين ??ي بيٺل فصل، قيمتي جاني ۽ مالي نقصان ۽ هزارين ??مارتن کي پهچندڙ نقصان تي ڳڻتي جو اظ??ار ڪندي صدر چيو ته ماڻهن جي جان ۽ مال، چوپائي مال، گهرن ۽ فصلن کي پهچندڙ نقصان جو ازالو ڪرڻ حڪومت جي اولين ??رجيح هجڻ گهرجي. هن ٻوڏ بابت وارننگ سسٽم کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو ته ڊيره غازي خان ۾ جابلو ٻوڏ جي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ ڊيلي ايڪشن ڊيمن جي تعمير تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ وڏن ڊيمن جي تعمير ضروري آهي. صدر چيو ته حڪومت پاران ٻوڏ متاثرين ??ي نقصانن جو جلد ازالو ڪرڻ جي ضرورت آهي. فصلن جي انشورنس ڪرڻ سان آفتن سبب آبادگارن ۽ هارين ??ي نقصان کي پورو ڪري سگهجي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو ته آبادگارن کي فصلن جي انشورنس ڪرائڻ جي ترغيب ڏني وڃي. ٻوڏ کانپوءِ بيمارين ??ي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ صحت جون ضرورتون پوريون ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي.