اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوات جي علائقي پتنئي ۾ باهه وسائڻ جي لاءِ 2 هيليڪاپٽر فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??اران جاري بيان موجب نيشنل ڊيزاسٽر مئ??يجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي درخواست تي وزيراعظم محمد شهباز شريف فوري ڪارروائي ??و حڪم ڏنو آهي. ضلعي انتظاميا، ٻيلو کاتو ۽ ريسڪيو 1122 گڏجي بابوزئي ??علقي جي پتنئي، مينگوره ۾ باهه وسائي ??هيا آهن، خشڪ موسم ۽ تيز هوا جي ڪري باهه کي وڌيڪ پکڙجڻ کان بچائڻ جي لاءِ هيليڪاپٽر گهريا ويا هئا. وزيراعظم خيبرپختونخواهه جي ضلعي انتظاميا ۽ معاون ادارن جي درخواست فوري منظور ڪندي باهه وسائڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ??هي ته باهه وسائڻ جي لاءِ فضائي ??مداد فوري فراهم ڪئي وڃي.