اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير م??يم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف لوڊشيڊن?? ۾ ??هٽتائي جو هنگامي پلان 24 ڪلاڪن ۾ طلب ڪري ورتو آهي. توانائي، پيٽروليم ۽ خزاني جي وزيرن جي ڪميٽي کي وزيراعظم قابل عمل پلان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته لوڊشيڊنگ ۾ آهستي آهستي گهٽتائي جي پلان تي موثر عملدرآمد ڪرائينداسين. وزيراعظم جي صدارت ۾ پنج ڪلاڪ ڊگهي جاري رهندڙ اجلاس ۾ سموري صو??تح??ل جو تفصيلي جائزو ??رتو ??يو، هن چيو ته ملڪ ۾ توانائي جي مجموعي صو??تح??ل تي وزيراعظم کي تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو، صنعت ۽ گهريلو صارفين کي بجلي جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽن تي بريفنگ ڏني وئي، م??يم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم لاڳاپيل وزيرن کي صنعت ۽ گهريلو صارفين کي بجلي جي فراهمي ۾ توازن آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙو پلان جوڙيو جنهن سان عوام کي لوڊشيڊن?? ۾ ??هٽتائي پاڻ محسوس ٿئي.