اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي سنڌ جي انتظامي ۽ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ڪراچي ۾ گذ??يل ڏينهن ۾ رونما ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن تي به بريفنگ ڏني وئي ان موقعي تي وزيراعظم چيو ??ه شرپسند عنصرن کي ڪراچي جو امن امان خراب ڪرڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏينداسين. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ??ه ڪراچي جي ترقي ۽ خ??شح??لي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ڀرپور تعاون سان ڪم ڪنديون.