اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي حڪومت جي تبديلي جي مبينه سازش جي ??عا??لي جي مڪمل جاچ تي زور ڏيندي چيو آهي ته حالتن ۽ واقعن تي ٻڌل ثبوت حاصل ڪرڻ سان به ??عا??لي کي انجام تائين پهچائي سگهجي ٿو، عمران خان جو خط وزيراعظم پاڪستان ۽ چيف جسٽس کي موڪلي رهيو آهيان، چيف جسٽس ??عا??لي جي جاچ ۽ ٻڌڻي لاءِ بااختيار عدالتي ڪميشن قائم ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ب??ان موجب صدر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي خط جو جواب ڏنو آهي جنهن ۾ حڪومت ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ مبينه سازش جي جاچ تي زور ڏنو ويو آهي. صدر چيو ته هن آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير پاران موڪليل سائفر جي ڪاپي پڙهي جنهن ?? آمريڪا جي پرڏيهي وزير جي مددگار ڊونلڊ لو سان پاڪستاني سفارتخاني ۾ ٿيندڙ ملاقات جي باضابطه سمري موجود هئي. هن چيو ته سائفر جي رپورٽ ۾ ڊونلڊلو جا ڪجهه ب??ان شامل هن جنهن ۾ خاص طور تي وزيراعظم جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ، جو ذڪر ڪيو ويو آهي، سائفر ۾ رٿ جي ڪاميابي جي صورت ۾ ”??عا??ي“ ۽ ناڪامي جي صورت ۾ سنگين نتيجن جو به ذڪر آهي، صدر چيو ته پاڪستاني عوام کي وضاحت ڏيڻ ۽ ??عا??لي کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ حالتن تي ٻڌل ثبوت رڪارڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر قو??ي سلامتي ڪميٽي جي ٻن اجلاسن جو به حوالو ڏنو جنهن ۾ ان ڳالهه جي توثيق ڪئي وئي هئي ته ڊونلڊلو جا ب??ان پاڪستان جي اندروني ??عا??لن ۾ ناقابل قبول ۽ سراسري مداخلت جي برابر آهن ۽ حڪومت پاڪستان بجا طور تي هڪ ڊي مارش جاري ڪيو آهي، ڌمڪيون خفيه ۽ ظاهر ٻئي ٿي سگهن ٿيون، ان خاص ??عا??لي ۾ غير سفارتي زبان ۾ واضح طور تي ڌمڪي ڏني وئي، صدر پنهنجي خط ۾ چيو ته هو ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته ان سان پاڪستان جهڙي هڪ آزاد ۽ خودمختيار قوم جي وقار کي شديد ٺيس پهتو آهي. صدر چيو ته اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي خط ۾ ڌمڪي تي ممڪنه رد عمل ۽ اثرن جو ذڪر ڪيو، هڪ خودمختيار، غيور ۽ آزاد قوم جي وقار کي شديد نقصان پهتو، معڪاملي جي تفصيلي جاچ ۽ تحقيقات جي ضرورت آهي، صدر چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي سازشن جي تحقيقات بي نتيجا رهيون، ان سلسلي ۾ هن راولپنڊي ۾ پاڪستان جي پهرين وزيراعظم شهيد لياقت علي خان جي قتل، اگرتله سازش ڪيس، اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو سري عام خط لهرائڻ ۽ سندس خلاف سازش جي الزام، صدر ضياءُ الحق جي جهاز جي حادثي، اوجڙي ڪيمپ سانحي، ايبٽ آباد سازش ڪيس ۽ ٻين ڪيترن ئي واقعن جو ذڪر ڪيو جيڪي بي نتيجا رهيا، هن چيو ته عال??ي سطح تي به سازشن جي تصديق ڏهاڪن کانپوءِ ڳجها دستاويز جاري ڪرڻ کانپوءِ ٿيندي آهي، ڊگهي عرصي کانپوءِ ڳجها دستاويز جاري ڪرڻ تائين ملڪن کي شديد نقصان پهچي چڪو هوندو آهي، صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حالتن ۽ واقعن تي ٻڌل ثبوت حاصل ڪرڻ سان به ??عا??لي کي انجام تائين پهچائي سگهجي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عمران خان جو خط وزيراعظم ۽ چيف جسٽس کي موڪلي رهيو آهيان، چيف جسٽس ??عا??لي جي تحقيقات ۽ ٻڌڻي لاءِ بااختيار عدالتي ڪميشن قائم ڪري.