ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت بلوچست??ن جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ صوبائي حڪومت کي ڀرپور معاونت فراهم ڪندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان ۾ امن ام??ن جي صورتحال تي اعليٰ سطح?? جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، مولانا عبدالواسع، مولانا اسعد محمود، بلوچست??ن جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو، سردار محمد اختر جان مينگل، ڪمانڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي بلوچستان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي صوبي ۾ امن ام??ن جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته صوبي ۾ امن ام??ن جي صورتحال اطمين??ن جوڳي آهي، بلوچست??ن جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ نئين وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت کي ڀرپور معاونت فراهم ڪندي.